ايم ايل ون ريلوي رٿا تي ڪم جي شروعات جلد ڪرڻ، علائقائي ترقي جو سبب بڻجندو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر سي پيڪ جي اقتصادي زون ۾ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو ته ايم ايل ون ريلوي رٿا تي ڪم جي شروعات جلد ڪرڻ، علائقائي ترقي جو سبب بڻجندو، افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ مدد ڪرڻي پوندي وزيراعظم عمران خان چيني صدر شي جن پنگ کي ٽيليفون ڪري ڪميونسٽ پارٽي جي 100 ساله تقريبن تي مبارڪون ڏنيون وزيراعظم عمران خان چين مان غربت جي خاتمي ۽ سڌارن جي تعريف ڪئي. پاڪ چين دوستي جا 70 سال پورا ٿيڻ تي هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون وزيراعظم ۽ چيني صدر ٻطرفي معاملن ۽ ڀائيواري جي مختلف پاسن جو جائزو ورتو. وزيراعظم ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ چين جي قدمن کي ساراهيو وزيراعظم اسرندڙ ملڪن لاءِ چين طرفان ڪرونا روڪٿام امداد جي تعريف ڪئي ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل ڀائيواري جي سمورن پاسن جو جائزو ورتو ويو ٻنهي اڳواڻن گڏيل اقتصادي، واپاري، لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي اڳواڻن ۾ سي پيڪ رٿائون وقت سر مڪمل ٿيڻ تي خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي وزيراعظم سي پيڪ جي اقتصادي زون ۾ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ پاڪ چين تعاون مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو، ٽيليفونڪ ربطي ۾ ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي تازي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وزيراعظم چيو ته افغان عوام کي معاشي مسئلن مان نڪرڻ لاءِ دنيا ڪردار ادا ڪري افغانستان کي انساني بحرفان کان بچائڻ لاءِ مدد ڪرڻي پوندي وزيراعظم عمران خان چيني صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *