رڳو مهانگائي ڪرڻ سان معيشت ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش بي وقوفي آهي: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف تيل اسمن، ايل پي جي ۽ ٻين شين جون قيمتون وڌيڪ وڌڻ تي پارليامينٽ اندر ڀرپور مخالفت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ٽيڪس مٿان ٽيڪس ۽ مهانگائي مٿان مهانگائي عوام جي بنيادي آئيني ۽ معاشي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، عوام جي معاشي آئيني حقن جو تحفظ تي سوديبازي نٿي ٿي سگهي هن چيو ته رڳو شيون مهانگيون ڪرڻ سان معيشت ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش بي وقوفي آهي تيل اسمن جي قيمتن ۾ 7 کان 9 رپيا وڌيڪ واڌ عوام جو معاشي قتل آهي، هن چيو ته 16 آڪٽوبر تي حڪومت تيل اسمن جي قيمتن ۾ 12 رپيا في ليٽر تائين پهريان ئي واڌ جو ظلم عوام تي ڪري چڪي آهي، مسلسل خبردار ڪري رهيو آهيان ته حڪومت کي قومي معاشي خودڪشي کان روڪڻو پوندو ٻي صورت ۾ ملڪ کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي هن چيو ته لڳاتار مني بجيٽ آڻي حڪومت ثابت ڪيو آهي ته ان وٽ ڪي ٺوس، سنجيده ۽ عمل جوڳو معاشي پلان نه آهي، هن چيو ته سياسي ڏڦيڙ ۽ معاشي تباهي ٻئي گڏجي پاڪستان کي ناڪام رياست طرف وٺي وڃي رهيا آهن ملڪ کي ان کان بچائنو پوندو عوام جي خريد ڪرڻ جي سگهه ختم ٿي چڪي آهي آئين ۽ قانون موجب ڊبل ٽيڪسيشن ظلم آهي پر حڪومت نڪ جي پڪائي سان قوم کي لٽي رهي آهي. ٽيڪس جو تعلق عوام جي خريد جي سگهه ۽ قومي ترقي جي شرح سان آهي، مرندڙ عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ رڳو ظلم آهي عوام هن ظلم جي خلاف ٻاهر نڪري ۽ حڪومت کان ظلم ڪرڻ جو اختيار کسي وٺي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *