سياست کي صحت تي حاوي نه ٿيڻ گهرجي، پهرين ترجيح نواز شريف جي صحت آهيۡ: فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت چيو آهي ته ورلڊ بينڪ جي رپورٽ اسان جي ڪاوشن جو مظهر آهي، سيڙپڪار هاڻ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهيا آهن، پاڪستان صحيح ڊائريڪشن ڏانهن وڃي رهيو آهي، ورلڊ بينڪ به پاڪستان کي گهڻو سپورٽ ڪيو، پاڪستان کي اڃا ريڪنگ وڌيڪ بهتر ڪرڻي آهي، عمران خان جي پهرين ڏينهن کان ڪوشش هئي ته عام ماڻهو جون حالتون بهتر ڪيون وڃن، ڪاروبار کي لاڳت بدران افتتاح سان نقصان ٿي رهيو هو، آمريڪا سان تڪرار جي ڪري چائنيز ڪمپينون پاڪستان اچي رهيون آهن، وزيراعظم عمران خان ۽ نواز شريف جي صحت بابت مسللسل اپ ڊيٽ وٺي رهيو آهي، اسان کي بيمار جي بيماري تي سياست ڪرڻ نٿا چاهيون، سياست ڪرڻ لاءِ ٻيا کوڙ عنوان آهن، جيڪڏهن زرداري صاحب جي صحت ٺيڪ نه آهي ته عدالتن جو دروازو کڙڪائي، جمعي تي فردوس عاشق اعواڻ، عبدالرزاق دائود معاشي ٽيم سان گڏ ورلڊ بينڪ جي بزنس رپورٽ ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته هي ڪافي اهم پريس ڪانفرنس آهي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته گذريل ڏينهن توهان گهڻو سياسي بارود گڏ ڪيو هو، پاڪستاني معيشت جو روڊ ميپ دنيا تسليم ڪري رهي آهي، هن چيو ته ورلڊ بينڪ وزيراعظم جي معيشت بحالي قدمن کي ساراهي ٿي، پاڪستاني حڪومت جي کنيل قدمن جا هاڪاري نتيجا اچڻ شروع ٿيا، هن چيو ته اهو چٽو ثبوت آهي ته قوم جو پيسو حڪمرانن جي کيسن ۾ نه پر خزاني ۾ گڏ ٿيندو، هن چيو ته انهن ماڻهن لاءِ پريس ڪانفرنس آهي جيڪي ماڻههن کي گمراهه ڪري رهيا آهن، هن چيو ته عمران خان ڊاڪٽر فيصل کي نواز شريف جي عيادت لاءِ موڪليو، ڊاڪٽر فيصل شوڪت خانم اسپتال کي هيڊ ڪري رهيو آهي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان هدايت ڪئي ته نواز شريف کي بهترين سهولتون ڏنيون وڃن، وزيراعظم چيو ته صحت تي ڪا به سياست نه آهي، عبدالرزاق دائود چيو ته ريڪنگ جي اهميت تمام گهڻي آهي، هن چيو ته سيڙپڪار سڀ کان پهريان ريڪنگ کي ڏسن ٿا، هن چيو ته سيڙپڪاري ڏسي رهيا آهن ته پاڪستان صحيح ڊائريڪشن ڏانهن وڃي رهيو آهي، پاڪستان جا گلوبل بزنس سان رابطا بهتر ٿي رهيا آهن، صحافي سوال ڪيو ته ڇا آصف زرداري کي به انساني بنياد تي سهولت ڏئي سگهجي ٿي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نواز شريف جي وڪيل عدالت کي ڪنويس ڪيو ان لاءِ ضمانت ملي وئي، جيڪڏهن زرداري صاحب سمجهي ٿو ته ان جي صحت ٺيڪ نه آهي ته عدالتن جو دروازو کڙڪائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *