نواز شريف جي چوڌري شگر مل ڪيس ۾ ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊِيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي تاحيات سربراهه نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت جي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف طرفان اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ قومي احتساب بيورو جي حراست ۾ طبي بنياد تي آزادي جي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت اڄ ٿيل طويل ٻڌڻي کان پوءِ مختصر فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ان ڪيس ۾ هڪ ڪروڙ رپين جا 2 ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائي. درخواست جي منظور ٿيڻ کان پوءِ نواز شريف نيب جي حراست مان ته آزاد ٿي ويندو پر هن جي جيل مان ان وقت تائين باضابطا آزادي ممڪن ناهي جيستائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ڪيس ۾ سندس سزا معطل ڪري ان جي ضمانت منظور نٿي ڪري. واضح رهي ته العزيزيه اسٽيل ملز ۾ نواز شريف 7 سال قيد جي سزا کي منهن ڏئي رهيو آهي، طبي بنيادن تي ان سزا جي معطلي جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به هڪ الڳ درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، جنهن تي وفاقي راڄڌاني ۾ اڄ (25 آڪٽوبر) تي ٻڌڻي ٿي هئي  ۽ عدالت ڪارروائي کي اڱاري (29 آڪٽوبر) تائين ملتوي ڪري ڇڏيو هو.ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز شريف جي ان درخواست تي ٻڌڻي ٿي هئي، جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي هئي ته نواز شريف جي طبعيت ڳڻتي جوڳي حد تائين خراب آهي ان ڪري هن کي آزادي ڏني وڃِ  جيئن هن جو مڪمل علاج ٿي سگهي.  ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان سندس ڀاءُ نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت منظور ٿيڻ تي چيو آهي ته اِها سڄي قوم جي لاءِ خوشي جي هڪ خبر آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ مان نواز شريف جي ضمانت منظور ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته نواز شريف هن وقت ڏي سخت قسم جي بيماري ۾ مبتلا آهي، ڊاڪٽرن جي سڄي ٽيم اخلاق سان نواز شريف جو علاج ڪري رهي آهي. ان موقعي تيهن عدالت، وڪيلن، ڪارڪنن ۽ قوم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ڊاڪٽر طرفان نواز شريف کي ڊينگي هئڻ جي امڪان کي رد ڪري ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ ئي اِهو به ٻڌايو ويو ته نواز شريف جيڪي دل جون دوائون کائيندو آهي ان جو هن سان ڪو تعلق ناهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته منهنجي سڄي قوم کان درخواست آهي ته هو نواز شريف جي صحت جي لاءِ دعا ڪري. مسلم ليگ ن جي صدر جو چوڻ هو ته سومر تي لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، ان ڪري منهنجي قوم کان درخواست آهي ته هو هن جي لاءِ به دعا ڪري. هن چيو ته نواز شريف جي گهرواري هن دنيا مان هلي وئي، هان هن جي ڌي آهي جنهن کي بيمار پيءُ جي تيماداري ڪرڻي آهي ۽ هڪ ڌي جيان هن جو ساٿ ڏيڻو آهي. خيال رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري شگھر ملز ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي تاحيات سربراهه نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي هئي. هوڏانهن  پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ آهي ته وزير اعظم  عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جي صحت بابت جيڪو عدالت جو فيصلو هوندو ان تي عمل ڪنداسين. لاهور ۾ پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد آهي ته نواز شريف کي علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيو وڃن ۽ ڪا به گهٽتائي ناهي رهي. هن چيو ته نواز شريف کي چيو جيڪڏهن هو ڪنهن ڊاڪٽر کي ٻاهران گهرائڻ چاهي ٿو ته گهرائي، پنجاب جي وڏي وزير جهاز تيار ڪرائي رکيو آهي، اسان ٻاهران ڊاڪٽر گهرائينداسين جڏهن هن جون سمورين رپورٽون ذاتي ڊاڪٽر  عدنان سان شيئر ڪيون وينديون آهن. ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته ميان صاحب کي علاج بابت هر ڳالهه ٻڌائيندا آهيون ۽ جڏهن هو اجازت ڏيندو آهي ته هن جو علاج ڪيو ويندو آهي. صحت واري صوبائي وزير نواز شريف علاج بابت اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ گذريل مهيني رت جي مرضن جي ماهر  ڊاڪٽر طاهر شمسي سان ڪيل الڳ ملاقات ۾ به هن پنهنجي علاج تي اطمينان جو اظهار ڪيو هو. هن چيو ته نواز شريف کي صحت جو هڪ مسئلو ناهي، هن کي ذيابيطس جو مرض آهي، شگر ڪافي بي قابو ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري گردن تي اثر پيو آهي، دل جي به تڪليف آهي جنهن جي ڪري باءِ پاس سرجري ٿي، بلڊ پريشر به آهي، جنهن جي ڪري هن مسئلي سبب هن جي حالت کي سنجيده وٺڻ گهرجي پر هاڻ حالتون بهتري ڏانهن وڃي رهيون آهن. پنجاب جي صحت واري وزير چيو ته نواز شريف ضمانت جي اپيل داخل ڪيل آهي ۽ گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ اسان جي ميڊيڪل بورڊ جي ميمبرن ۽ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ کي طلب ڪيو هو. ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ڊاڪٽر اياز محمود ۽ ساڻس گڏ بورڊ جي ميمبر ڊاڪٽر ڪامران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ويا هئا جتي هنن نواز شريف جون سموريون رپورٽون پيش ڪيون. هن چيو ته نواز شريف جون سموريون رپورٽون انتهائي ٽيڪنيڪل آهن، مون هنن کي چيو آهي ته مريض جي حالت بابت جيڪي ڳالهيون توهان سوچيو ٿا ۽ جيڪو توهان جو خيال آهي بلڪل اُهبا ئي ڳالهه ڪنهن دٻاءَ کان سواءِ هو رپورٽ ۾ لکي. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي صحت واري وزير چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ميڊيڪل بورڊ کي ٻيهر اجلاس گهرائي اڄ جي رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو هو. ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر سليم چيمه ۽ ڊاڪٽر عارف رپورٽ پيش ڪئي هئي ۽ هاڻ هن کان ايندڙ 5 ڏينهن کان پوءِ ٻيهر رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وزير اعظم چيو ته پريس کي اطلاع ڏئي ڇڏيو ته عدالت جو جيڪو به فيصلو هوندو اسان ان کي قبول ڪنداسين ۽ هر طريقي سان ان فيصلي جي حمايت ڪنداسين. صحت واري صوبائي وزير چيو ته اسان عدالتن جو گهڻو احترام ڪندا آهيون ان ڪري جيڪو به عدالت جو فيصلو هوندو اسان ان کي قبول ڪنداسين. ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته نواز شريف عالت ۾ ضمانت جي لاءِ اپيلون داخل ڪيون آهن، اسان سموري تفصيل موڪلي رهيا آهيون، ميڊيڪل بورڊ پنهنجون رپورٽون موڪلون آهن، ان ۾ اسان جو ڪو به عمل دخل ناهي، مون پاڻ به رپورٽ ناهي پڙهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته انسانيت جي ناطي سڀني کي احساس هئڻ گهرجي ته وزير اعظم عمران خان جيڪڏهن اسپتال بڻائيندو آهي ۽ مريضن سان همدردي ڪندو آهي ۽ مريض طور هن جي همدردي نواز شريف سان آهي. مريم نواز جي صحت بابت هن چيو ته جڏهن مريم نواز جي طبعيت خراب ٿي ته هن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، آئون اسپتال ۾ موجود هيس هن جا سمورا ٽيسٽ ٿيا جيڪي نارمل هئا هن جي طبعيت جڏهن بهتر ٿي ته واپس موڪليو ويو هو. ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته وزير اعظم پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، هو چاهي ٿو ته نواز شريف جي ڌيءَ ضرور هن جي تيماداري ڪري. صحت واري وزير چيو ته سمورن ادارن کي ان حولي سان هدايتون ڏنيون ويون آهن پر عدالتون آزاد آهن هو جيڪو فيصلو ڪندي اسان ان تي عمل ڪنداسين

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *