سياست سان تعلق ناهي، جيڪو ڪندو اهو ئي ڀريندو، ڪرپشن جو حسان ڏيڻو پوندو: نيب چيئرمين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب سياسي انتقام تي يقين نه ٿي رکي، جيڪو ڪندو اهو ئي ڀريندو.  اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ته اداري جو ڪم رڳو احتساب ڪرڻ آهي، نيب جي ڪوشش هوندي آهي ته ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪئي وڃي، 35 سال اقتدار ۾ رهندڙن جو احتساب ٿيندو. هن چيو ته ماڻهو عدالتن مان ٻاهر نڪري چون ٿا ته نيب سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، نيب جي پاليسي آهي ته جيڪو ڪندو اهو ئي ڀريندو جنهن تي اسان قائم آهيون. جاويد اقبال چيو ته سڀني کي يقين ڏياريان ٿو ته نيب ۾ سياسي انتقام جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي، نيب جو سياست سان ڪو تعلق ناهي.  هن چيو ته توهان ثابت ڪيو ته نيب جو سياست سان تعلق آهي، جيڪڏهن ٿيو ته مان پاڻ ئي عهدو ڇڏي ڏيندس.  هن چيو ته نيب پنهنجي ڪارروائي دوران ماڻهن خاص طور تي عورتن جي عزت نفس جو خيال رکيو آهي. سندس چوڻ هو ته نيب وٽ شاهديون موجود آهن، اسان ماڻهن کان ڪرپشن بابت پڇا ڪنداسين ۽ ذميواري کان منهن نه موڙينداسين. جاويد اقبال چيو ته مهينن کان اقتدار ۾ رهندڙ ماڻهن جو به احتساب ٿي رهيو آهي، نيب اڳيان سڀ برابر آهن، شاهديون نه ملڻ تي ڪيس بند ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ڪروڙين ۽ اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي آهي، نيب ڪنهن به قسم جي سياسي انتقام تي يقين نه ٿي رکي، سياست سان ڪو به واسطو ناهي.  سندس چوڻ هو ته نيب 326 بلين رپين جي رقم جمع ڪرائي وئي آهي، ماضي ۾ جيڪو ٿيو نه ٿي ها ته ملڪ ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شامل هجي ها. جاويد اقبال چيو ته اسان جو ڪنهن سان ملڪيت جو تڪرار ناهي، انتقامي ڪارروائي ڇو ڪنداسين.  هن چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو نيب جو ڪم آهي، جيڪڏهن ڪرپشن ختم نه ٿي ته نيب پاڻ ڏوهي هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *