راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري سان حڪومت جو تعلق ناهي، پاڪستان ۾ عدالتون ۽ادارا آزاد آهن: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو به واسطو ناهي پر مخالف  ڌر حڪومت تي الزام هڻي پنهنجن ڏوهن تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ترجمان ۽ اڳواڻ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻن جي گرفتارين کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.  ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مخالف ڌر رڳو پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ حڪومت تي الزام هڻي رهي آهي، انتقام جي سياست پي ٽي آءِ جو نظريو ناهي، ليگي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو به واسطو ناهي، جن ماڻحن تي ڪيس آهن عدالتن ۾ انهن جون صفايون ڏيو، پاڪستان ۾ هاڻ اداري ۽ عدالتون آزاد آهن. وزير اعظم جو چوڻ هو ته بنا نالي ملڪيت رکندڙن کي پورو موقعو ڏنو ويو، پر هاڻ بنا نالي ملڪيت رکندڙن جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ٿيندي. ان کان اڳ وزير اعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ملاقات ڪئي، وزير اعظم کي پنجاب ۾ صنعتي شعبي، زراعت ۽ سياحت جي هٿي لاءِ ڪيل بندوبستن، خاص اقتصادي زونز جي قيام ۽ واپاري طبقي جي مسئلن ۽ حل تي بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته ڏکين معاشي حالتن ۾ حڪومت متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، بجيٽ ۾ صنعتي شعبي کي هٿي ۽ ڪمزور طبقي جي تحفظ تي سمورو ڌيان ڏنو ويو، معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت ڏکيا فيصلا ڪيا، انهن فيصلن جو مقصد معيشت جو رخ درست ڪرڻ ۽ ملڪ کي معاشي ڏکيائين مان ڪڍڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *