ملڪ مشڪل دور ۾ مليو، قرض لاهڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن: حفيظ شيخ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ايمنسٽي اسڪيم تحت هڪ لک 37 هزار ماڻهن کان 70 ارب رپيه اوڳاڙيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته  آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري ڏئي پاڪستان جي پاليسين تي ڀاڙيو ويو، پروگرام جي منظوري کانپوءِ ٻيا مالياتي ادارا به پاڪستان کي فنڊ ڏيندا، قرض واپس ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي.  هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پئڪيج سان معيشت ۾ استحڪام ايندو، آءِ ايم ايف بورڊ جي ڪنهن ميمبر پاڪستان لاءِ امداد جي مخالفت  نه ڪئي آهي. هن چيو ته پروگرام جي منظوري ڏئي پاڪستان جي پاليسين تي ڀاڙيو ويو، پروگرام جي منظوري کانپوءِ ٻيا مالياتي ادارا به پاڪستان کي فنڊ ڏيندا، ايشيائي ترقياتي بئنڪ 3 ڏهائي 2 ارب ڊالر پاڪستان کي اضافي ڏيڻ جو سوچي رهي آهي،  عالمي مالياتي بئنڪ به پاڪستان کي اضافي رقم ڏيندي. سندس چوڻ هو ته اي ڊي بي ۽ عالمي بئنڪ جا فنڊ بجٽري سپورٽ لاءِ  به هوندا، قرض پروگرام تي آءِ ايم ايف به پريس ڪانفرنس ڪندي، ملڪ مشڪل دور ۾ مليو، ملڪي قرض تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، قرض واپس ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي.  ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته دوست ملڪن کان ڊپازٽس حاصل ڪيا آهن، آءِ ڊي جي بي ۽ سعودي عرب دير ادائيگين تي تيل فراهم ڪندا، آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري مان ظاهر آهي ته نئين پاڪستاني قيادت اعتماد ڪيو ويو آهي، اسان کي پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ سان گڏ ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن.  هن چيو ته امير کان ٽيڪس وٺڻي آهي ۽ ڪمزور طبقي جو دفاع ڪرڻ آهي، عورتن جي ڀلائي لاءِ فنڊ ۾ 100 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ ڪاروباري سيڪٽر کي سهولتون ڏنيون ويون آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *