سياستدانن کي عدالتن ۾ گهليو پيو وڃي، آمرن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي: وزيراعظم پاڪ

اسلام آباد (اين اين آءِ)  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ججز جو چهرو عوام اڳيان اچڻ گهرجي، ڇو ته کين تاريخي فيصلا ڪرڻا آهن ان لاءِ ڪمزور شخص کي جج لڳائينداسين ته ڀوڳڻو پوي ٿو، ججن جي پارلياماني نگراني سڄي دنيا ۾ هوندي آهي، آمريڪا سميت سچي دنيا ۾ جج جي مقرري وقت ان جي سڄي ڄمار کي ڏٺو ويندو آهي ان لاءِ اهو ئي معيار رکڻ گهرجي، پارليامينٽ کي ڪو به خطرو نه آهي، چونڊون جولاءِ ۾ ٿينديون، سينيٽ چونڊن کان اڳ حڪومت جي وڃڻ ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جون ڳالهيون اڳ به ٿينديون رهيون، اسيمبلي ٽوڙڻ جا 2 طريقا آهن، نواز شريف ۽ پارٽي فيصلو ڪري ۽ مونکي ٻڌائين ته مان اسيمبلي ٽوڙيندس، جيڪڏهن اپوزيشن ۾ همت آهي ته بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪري، اسيمبلي ٽوڙڻ جو ٽيون ڪو به طريقو نه آهي، نگران وزيراعظم جو فيصلو ماضي وانگر نه ٿيندو، نگران وزيراعظم جو فيصلو آئين موجب ڪنداسين، منهنجي خلاف ڪا به سازش نه پئي ٿئي، سازش تي ڪڏهن به يقين ناهي ڪيو، جيڪي مظاهرا ڪن ٿا سندن عقل کي داد ڏيان ٿو، جيڪي لعنتي آهي اهي پاڻي ئي سمجهي ويندا، حيران آهيان ته اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽي سربراهه اسيمبلي کي گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا، جيتري شفاف هيءَ حڪومت آهي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي آئي، هتي وزيراعظم جي آفيس ۾ روڪ رشوت ورتي ويندي هئي، هتي گيس جا ڪنيڪشن ۽ 45 هزار ڪلاشنڪوف جا لائسنس وڪرو ڪيا ويا، اين آر او چور ڪندا آهن اسان چور نه آهيون، آمرن کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي، سياستدانن کي عدالت ۾ گهليو وڃي ٿو، سياستدانن کي ڪڏهن هائيجر ۽ ڪڏهن سسلين مافيا چيو وڃي ٿو، مشرف غلط فيصلو ڪيو ان کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، هو لنڊن ۽ دبئي ۾ مزا ماڻي رهيو آهي، جمهوريت کي هلڻ ڏيو، هر ادارو جڳهه بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر عوام ان کي قبول ڪري ٿو جيڪو فطرت موجب هجي، ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ پاڪستان ۾ چيني سيڙپ جي ڀيٽ درست نه آهي، ايسٽ انڊيا ڪمپني جهاز ۽ فوجي لاڪر پهريان فتح ڪيو پوءِ واپار ڪيو، پر هتي چيني سيڙپ آڻي پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهيون، 20 هزار چيني رهواسي پاڪستان ۾ آهن، چيني حڪومت پاڪستان ۾ پنهنجن شهرين جي ڏوهن ۾ ملوث هئڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي، ڊو مور تي آمريڪا کي چئي چڪا آهيون ته پهريائين گهڻو ڪجهه ڪري چڪاسين، دهشتگردي خلاف پاڪستان پنهنجي ۽ دنيا جي جنگ وڙهي رهيو آهي، ختم نبوت جو بل منظور ڪرڻ ۾ سڀ جماعتون شامل هيون، حافظ حمد الله جي ترميم منظور ڪئي وڃي ها ته اهو معاملو نه اٿئي ها، ان حوالي سان راجا ظفر الحق رپورٽ عوام ڏانهن وڃڻي آهي جنهن جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي، ٻارڙن جي ڏوهن بابت قانون ۾ ڪمي نه آهي، سومر تي وزيراعظم آفيس ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا ۾ اهو نظام هوندو آهي ته قورم پورو هجي يا نه هجي ايوان جو اجلاس جاري رهندو آهي پوءِ ڇو نه ايوان ۾ هڪ ميمبر موجود هجي، پارلياماني ۾ ٿيندڙ بحث رڪارڊ جو حصو هوندو آهي، پارلياماني رپورٽز جو ڪافي اهم ڪردار آهي، ان ذريعي تڪ جي عوام کي خبر پوي ٿي ته ان جو نمائندو اسيمبلي ۾ ڇا ڪري رهيو آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اهميت پنهنجي جاءِ تي پر پرنٽ ميڊيا جي تڪ جي عوام ۾ وڏي اهميت هوندي آهي، اهي پنهنجي نمائندي جي تفصيلي خبر پڙهندا آهن، هن چيو ته آمريڪا پاران پاڪستان کي ڪنهن قسم جو فوجي ٿريٽ ڪڏهن به نه هو، اسان جي فوج جيڪو ڪم ڪيو آهي، سڄي دنيا گڏجي به افغانستان ۾ اهو ڪم ناهي ڪيو، افغانستان ۾ جيڪي بجيٽ خرچ ڪئي پئي وڃي، اها اسان جي دفاعي بجيٽ کان وڌيڪ آهي، افغان پاڻ ۾ ويهندا ته مسئلو حل ٿيندو، هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپ اچي رهي آهي جيڪو ڪم نواز شريف جي حڪومت 5 سالن ۾ ڪيو آهي اهو ڪم 65 سالن ۾ ناهي ٿي سگهيو، ان تي اسيمبلي سميت هر هنڌ بحث ڪرايو اسان ان لاءِ تيار آهيون، وزيراعظم چيو ته جيڪي مظاهرا ڪري رهيا آهن اهو پنهنجو پاڻ چڱي طرح سڃاڻين ٿا، عمران خان، آصف علي زرداري طاهر قادري جي قيادت ۾ مظاهرو ڪري رهيا آهن مان سندن عقل کي داد ڏيان ٿو، وزيراعظم چيو ته پارليامينٽ کي ڪو به خطرو نه آهي، اپوزيشن جو ڪم احتجاج ڪرڻ هوندو آهي، جيڪڏهن اپوزيشن ايوان ۾ ايجنڊا ڦاڙڻ بدران ان تي بحث ڪري ۽ مسئلا اڳيان آڻي ته بهتر ٿيندو، وزيراعظم چيو ته ختم نبوت جي معاملي تي ن ليگ ڏوهي نه آهي، حقيقتون موجود آهن، حڪومت ان معاملي تي بيڪ فوٽ تي ناهي وئي، هي حڪومت جو بل نه هو، پارلياماني ڪميٽي جوو بل هو جيڪو اسميبلي منظور ڪيو، سينيٽ ۾ ويو ۽ پوءِ سينيٽ ڪميٽي ۾ به ان تي بحث ٿيو، سينيٽ ۾ سينيٽر حافظ حمد الله ان جي نشاندهي ڪئي، ن ليگ حافظ حمد الله جي حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته پ پ ان جي مخالفت ڪئي، اسان جو موقف صاف آهي، شاهد خاقان عباسي چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ن ليگ جي چونڊ مهم جي قيادت نواز شريف ڪندو، ووٽ بينڪ ميان نواز شريف جو آهي، جهڙي طرح پ پ کي بينظير کانسواءِ ووٽ نٿو ملي سگهي اهڙي طرح ن ليگ کي به نواز شريف کانسواءِ ووٽ نٿو ملي سگهي، راجا ظفر الحق جي رپورٽ عام ڪرڻ بابت هن چيو ته پارلياماني ڪميٽي جا هڪ سئو 4 اجلاس ٿيا آهن، ان سموري رڪارڊ کي ڏسي رهيا آهيون هر شيءِ جو جائزو وٺي اها رپورٽ پڌري ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تجارتي خسارو گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ان ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جو وڏو ڪردار آهي، معاشي ايجندا هاڻ سياسي تبديلي کان ڌار ٿي ويو آهي، 1990 ۾ جيڪو معاشي ايجنڊا ن ليگ ڏنو هو سڀ حڪومت ان کي نظر ۾ رکي هلي رهيون آهن، پي آءِ اي کي اسان نه خانگائينداسين ته ايندڙ حڪومت خانگائيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *