انڪائونٽر اسپيشلسٽ روپوش ٿي ويو، گهر تي ڇاپو، 2 اهلڪار گرفتار، آءِ جي سنڌ ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي  (اين اين آءِ) نقيب محسود قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گهر تي ڇاپو هنيو، گهر ۾ ٻن پوليس اهلڪارن کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هو، پوليس ذريعن ٻڌايو ته رائوا انوار جي گهر تي موجود ٻن پوليس اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، واضح رهي انڪائونٽر اسپيشلسٽ جاچ ڪميٽي پاران گهرائڻ جي باوجود گذريل ڏينهن پيش نه ٿيو هو، ڪميٽي کيس منجهند هڪ وڳي طلب ڪيو آهي، ڪميٽي جي سربراهه سلطان خواجه چيو ته رائو انوار سان لاڳيتو رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر سندس فون بند آهي، هن چيو ته مارجي ويل نقيب الله جو مختلف ٿاڻن تان ڪو به ڪرمنل رڪارڊ نه مليو آهي.  نقيب الله جي عدالت کان مٿانهين قتل ۾ ملوث پوليس آفيسر رائو انوار پنهنجو موبائيل فون نمبر بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته رائو انوار سميت انڪائونٽر ٽيم جا سمورا ميمبر روپوش ٿي ويا آهن، رائو انوار ۽ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڊسٽرڪٽ ملير ۾ مقرر رائو انوار جي 16 اهم ماڻهن کي عهدن تان هٽايو ويو، تفصيل موجب رائو انوار پنهنجي ئي کاتي خلاف ڄمي بيٺو ۽ روپوش ٿي ويو، جڙتو مقابلي جي جاچ ٽيم رابطي جي ڪافي ڪوشش ڪئي پر رائو انوار هٿ نه آيو، ڊي آءِ جي ايسٽ ماڻهو موڪليو پر رائو انوار جواب ڏيڻ جي به زهمت نه ڪئي، جاچ ڪندڙ انڪوائري ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر رائو انوار کي سومر تي طلب ڪيو هو پر هو ڪميٽي اڳيان پيش نه ٿيو، جاچ ڪميٽي جو آچر جي رات 11 وڳي ڊي آءِ جي ايسٽ جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سومر جي صبح ساڍي 10 وڳي سينيٽرل پوليس آفيس ۾ رائو انوار کي پنهنجي ٽيم سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر رائو انوار آءِ جي سنڌ جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو ۽ پيش نه ٿيو، جڏهن ته هيومن رائيٽس ٽيم ۽ اعليٰ پوليس آفيسر سي پي او ۾ ان جو انتطار ڪندا رهيا، ڪميٽي موجب رائو انوار کي ثابت ڪرڻو پوندو ته نقيب الله دهشتگرد هو،ڪيس ۾ رائو انوار کي جوابدار طور نامزد ڪرڻ جو فيصلو نقيب الله جي گهرڀاتين کي ڪرڻو آهي، سلطان خواجه موجب رائو انوار ڪميٽي اڳيان پيش ٿيڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي، ٻئي پاسي جاچ ڪميٽي جڙتو مقابلي جا ثبوت ملڻ تي رائو انوار ۽ مقابلي ۾ ملوث سمورن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *