قاتل گرفتار، زينب جي خون سان انصاف ٿيندو…ٰ؟

پنجاب ۾ هاءِ پروفائل ڪيس بڻيل قصور جي نياڻي زينب کي ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ وحشي قاتل سندس پاڙيسري نڪتو، ڊي اين اي جزا ملڻ بعد باضابطا گرفتار ٿي ويو. جوابدار ٻين 7 خونن جو به اعتراف ڪري ورتو. زينب جي پيءُ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف  تاڙين جي گونج ۾ قاتل جي گرفتاري جو اعلان ڪندي وراڻيو ته زينب جو قاتل پڪڙيو ويو آهي، جنهن جو نالو عمران ۽ سندس عمر 24 سال آهي،  اهو سيريل ڪلر آهي، جنهن جو ڪيس اي ٽي سي موڪليو ويندو، قاتل جي گرفتاري محنت ۽ اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي,  قوم جي ڌيءُ جي قتل تي هر اک آلي آهي، قاتل جي گرفتاري لاءِ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) قصور ۾ ڏينهن رات ڪم ڪيو، جڏهن ته پنجاب فارنزڪ ليب به جاچ ۾ مدد ڪئي. سول ۽ ملٽري ايجنسين هڪ ٽيم بڻجي محنت ڪئي، سول انتظاميا، سياسي ليڊر شپ ۽ ميڊيا به رات ڏينهن محنت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ زينب جي قاتل کي گرفتار ڪيو ويو آهي. دل جي گهراين سان ڪابينا ڪميٽي جا ٿورا مڃان ٿو، 1150 ڊي اين اي جي پروفائنلگ کانپوءِ اهو حيوان سامهون آيو، ڊي اين اي جي سئو سيڪڙو ميچنگ کانپوءِ ڏوهاري کي سوگهو ڪيو ويو، جوابدار جي پولي گرام ٽيسٽ به ڪئي وئي، جنهن ۾ هن سڀني ڏوهن جو اعتراف ڪيو. جوابدار جي گرفتاريءَ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو، هاڻ ان کي انجام تائين پهچائڻ جو وارو آهي، قتل جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ويندو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي درخواست آهي ته ڪيس ڏينهن رات هلڻ گهرجي، منهنجو وَس هلي ته ان وحشي کي چوڪ تي لڙڪائي ڦاهي ڏيان پر اسان جا هٿ قانون ۽ آئين سان ٻڌل آهن، جيڪڏهن عدالت حڪم ڏنو ته عمران کي چوڪ تي سرعام ڦاهي ڏني ويندي. ڪيس ۾ پوليس جي آءِ ٽي سول، ملٽري انٽيليجنس، فرانزڪ ليب ۽ ٻين جي اڻٿڪ محنت شامل آهي. هن واقعن تي سياست نه ٿا چاهيون. مردان ۾ به هڪ نياڻي عاصمه سان واقعو ٿيو آهي ان لاءِ پختونخوا سرڪار سان ڊي اين اي پروفائلنگ ۾ مدد لاءِ تيار آهيان. اسان جي قانون جي سست رفتاري سبب ڪيترائي ڏوهاري قانون جي گرفت مان نڪري ويندا آهن، هن ڀيري جيڪڏهن سرڪار سڳوري پنهنجي سست روي واري روايت برقرار رکي ته شايد زينب جي رت سان انصاف نه ٿي سگهي، ان ڪري حۡڪومت کي نه عدالت سڳوري اڳيان عرض آهي ته هن ڪيس کي پنهنجي منتقي انجام تائين پهچائي جنهن جو هي ڪيس حقدار آهي ته پوءِ شايد ڪي ٻيون زينب ڪنهن وحشي جو شڪار ٿيڻ کان بچي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *