سوشل ميڊيا تي تنقيد ۽ سخت ردعمل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، ڊائو يونيورسٽي انتظاميا ڪراچي ۽ سنڌ کي ڌار ڄاڻائڻ وارو تڪراري فارم ويبسائيٽ تائين هٽائي ڇڏيو

 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سوشل ميڊيا تي تنقيد توڙي سخت ردعمل ۽ وڏي وزير جي نوٽيس کانپوءِ ڊائو يونيورسٽي انتظاميا ڪراچي ۽ سنڌ کي ڌار ڄاڻائڻ وارو تڪراري فارم ويبسائيٽ تائين هٽائي ڇڏيو. جڏهن ته رجسٽرار پنهنجي ليٽر ۾ نه غلطي جو اعتراف ڪيو ۽ نه ئي معذرت ڪئي. ڊائو يونيورسٽي انتظاميا داخلا جي حوالي سان پنهنجي ويبسائيٽ تي جاري ڪيو هو، جنهن ۾ ڪراچي ۽ سنڌ کي ڌار ڪري الڳ الڳ ڊوميسائيل جا شرط ڄاڻايا ويا. ڊائو يونيورسٽي انتظاميا جي اهڙي عمل تي سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه به معاملي جو نوٽيس ورتو، جنهن کانپوءِ يونيورسٽي انتظاميا ڪراچي ۽ سنڌ کي ڌار ڄاڻائڻ وارو داخلا فارم ويبسائيٽ تان هٽائي ڇڏيو. ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي رجسٽرار پروفيسر امان الله انتظاميا طرفان اهڙي عمل تي معافي يا معذرت نه ڪئي، واڳيل اختيارين کي جاري ڪيل ليٽر ۾ به غلطي جو اعتراف ڪرڻ بدران ڊپلوميٽڪ انداز ۾ فارم هٽائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ليٽر جي متن ۾ لکيل آهي ته ڄاڻ ۾ آيو آهي ته ويبسائيٽ تي جاري ٿيل داخلا فارم ۾ غيرمناسب ٻولي لکيل آهي، تنهن ڪري اُن داخلا فارم کي ويبسائيٽ تان هٽائي فوري طور رپورٽ ڏني وڃي.

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *