پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي هلائي وڃي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ن ليگ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي، فارين فنڊنگ ڪيس جي روزانو ٻڌڻي ڪئي وڃي، هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب اسٽيٽ بينڪ جو ڊيٽا، ڳجها اڪائونٽ، ٻاهرين ملڪن مان اربين رپين جي غير قانوني رقم جو تفصيل جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، هن چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿيڻ گهرجي، قوم جو حق آهي ته حقيقتون ڄاڻي، هن چيو ته عمران صاحب پاران سموريون حقيقتن ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي کي ڳجهو رکڻ جي درخواست ڏني وئي آهي، جيڪڏهن چوري نه ڪئي ته تلاشي ڏيو، هن چيو ته 23 پارٽي جا اڪائونٽ ڳجها ڇو رکيا ويا، هن چيو ته ٻين جو 1970 کان ٽن نسلن ۽ ذاتي ڪاروباري جو حساب ۽ توهان بابت سوال نه ٿئي، جيڪڏهن چوري ناهي ڪئي ته تلاشي ڏيو، هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿي سگهي ٿو، عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ ڇو نه، هن چيو ته پيسا ڪٿان آيا ۽ ڇو لڪايا ويا تلاشي ڏيو، هن چيو ته ڪنهن پيسا ورتا ۽ ڪنهن جي اڪائونٽ ۾ آيا جيڪڏهن چوري ناهي ڪئي ته تلاشي ڏئي، جعلي ۽ ڳجهي اڪائونٽ مان پيسا ڪٿي استعمال ٿيا، جيڪڏهن چوري ناهي ڪئي ته تلاشي ڏيو، هن چيو ته ان ئي اڪائونٽ مان بني گالا جو محل ٺهيو، عليمه ڀيڻ جي اربين رپين جي ملڪ کان ٻاهر ملڪيت انهن ڳجهن اڪائونٽن مان ٺهي، جيڪڏهن چوري ناهي ڪئي ته تلاشي ڏيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *