شازيه خشڪ ڳائڻ جي دنيا کي هميشه لاءِ الوداع ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي: (شوبز نيوز) عالمي شهرت ماڻيندڙ ڳائڻي شازيه خشڪ  ڳائڻ جي دنيا کي الوداع  ڪندي چيو آهي ته مان هي فيصلو تمام گهڻو سوچ ويچار کان پوءِ ڪيو آهي.صحافين سان ڳالهائيندي شازيه خشڪ چيو ته ان ڳالهه جو هاڻ ارادو ڪري ڇڏيو آهي ته پنهنجي باقي جي زندگي اسلامي طور طريقي  موجب گذاريندس. جڏهن ته عملي طور تي پنهنجي سموري زندگي دين اسلام جي ڪمن جي لاءِ گذاري ڇڏيندس.هن وڌيڪ چيو ته شوبز ڇڏڻ جو فيصلو تمام گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ ڪيو آهي جيڪو واپس وٺڻ جو هاڻ ڪوبه ارادو ناهي.شازيه خشڪ چيو ته پرڏيهه مان مسلسل دعوتون ملي رهيون آهن جيڪي مان مهرباني چئي منع ڪري ڇڏيندي آهيان.هن چيو ته مان مداحن جي شڪرگذار آهيان جنهن 25 سال منهنجي گيتن کي پسند ڪيو. هن چيو ته مداحن کان اميد ڪريان ٿي ته هو منهنجي هن قدم تي منهنجو ساٿ ڏيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *