اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو مغوي پٽ گهر پهچي ويو، شاندار استقبال، گهر ڀاتي خوشي مان لڙڪ نه روڪي سگهيا

لاهور(اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جو مغوي پٽ علي حيدر گيلاني 3 سال افغانستان ۾ يرغمال رهڻ بعد اربع تي پنهنجي گهر پهچي ويو. وزيراعظم محمد نواز شريف علي حيدر گيلاني کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ خصوصي جهاز ڪابل موڪليو هو. گيلاني ڪٽنب جي ڀاتين علي حيدر گيلاني جو ايئر پورٽ تي استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڪٽنب جا ڀاتي خوشي وچان لڙڪ نه روڪي سگهيا. وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سرحد پار جي ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن علي حيدر گيلاني جي بازيابي ۽ حفاظت سان گهر پهچڻ تي گيلاني ڪٽنب کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. علي حيدر گيلاني کي 9 مئي 2013ع تي سندس اباڻي شهر ملتان مان اليڪشن مهم ۾ شرڪت دوران اغوا ڪيو ويو هو ۽ کيس سومر 10مئي تي افغانستان جي پڪتيا صوبي ۾ القاعده سان لاڳاپيل گروپ خلاف آپريشن دوان بازياب ڪرايو ويو. پرڏيهي آفيس مطابق علي حيدر گيلاني کي ڪابل ۾ واقع افغانستان جي دفاع واري وزارت ۾ افغان اختيارين طرفان پاڪستان جي سفير ابرار حسين جي حوالي ڪيو ويو جنهن بعد کيس لاهور روانگي لاءِ ايئر پورٽ تان هيلي ڪاپٽر ذريعي روانو ڪيو ويو. وزيراعظم محمد نواز شريف طرفان موڪليل خصوصي جهاز اڳ ۾ ئي صبح جو 9 وڳي ڪابل لاءِ روانو ٿي چڪو هو جنهن ۾ علي حيدر گيلاني جو ڀاءُ ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جو پروٽوڪول آفيسر ويٺل هئا. ڪابل ۾ پاڪستان جو سفير ابرار حسين پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز کي علي حيدر گيلاني جي بازيابي لاءِ امريڪي ۽ افغان فوج طرفان شروع ڪيل آپريشن بابت آگاهه ڪندو رهيو. پرڏيهي آفيس مطابق پاڪستاني قيادت افغانستان نيشنل آرمي ۽ نيٽو فورسز طرفان علي حيدر گيلاني جي حفاظت سان بازيابي ۽ کيس فوري طور تي پاڪستان اماڻڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي دل جي گهراين سان واکاڻ ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مطابق پاڪستان اميدظاهر ڪئي آهي ته ٽئي ملڪ خطي مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. دهشتگردن کي حڪومتن کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *