سنڌ ۾ 105 ملين ڊالرز جو سولر انرجي پروجيڪٽ، سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي کاتي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي موجودگي ۾ نجي ڪمپنين سان گڏ هڪ معاهدو ڪيو آهي جنهن ۾ ورلڊ بينڪ جي اهتمام هيٺ سنڌ ۾ 105 ملين ڊالرن جي لاڳت سان سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ (ايس ايس اي پي) شروع ڪيو ويندو. دستخطي تقريب ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، توانائي وارو وزير امتياز شيخ، اطلاعات ۽ محنت وارو وزير سعيد غني، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، توانائي وارو سيڪريٽري مصدق خان، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي، چيف ايگزيڪٽو افسر (سي اي او) ايس ٽي ڊي سي ريحان حامد، چيف ايگزيڪٽور افسر (سي اي او) ايلن پارٽنر، ڪنسلٽنٽس ضياءَ الدين احمد، چيف ايگزيڪٽو افسر (سي اي او) فارسائيٽ لميٽڊ زبير احمد، ورلڊ بينڪ  جو سينئر انرجي ماهر مسٽر اوليور نائيٽ، ورلڊ بينڪ جا نمائندا انجم احمد، امل اعوان، ڪاظم سعيد، پي ڊي ايس ايس اي پي محفوظ احمد قاضي، شيخ عامر ضيا، ڪي اليڪٽرڪ جا نمائندا اسمر نعيم ۽ خيام صديقي، ايڊ نجي ڪمپني جو اعجاز رضوي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صوبائي وزير توانائي امتياز شيخ وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ سولر  انرجي پروجيڪٽ ۾ ورلڊ بينڪ 100 ملين ڊالرن تائين جي فنڊنگ ڪري رهي آهي جڏهن ته صوبائي حڪومت 5 ملين ڊالرز ڏيندي. هن چيو ته پروجيڪٽ جو پي ڊي تعينات ڪيو ويو آهي جنهن پروجيڪٽ تي عملدرآمد لاءِ پرائيوٽ فرمز کي هائر ڪيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو به ان منصوبي ۾ سهڪار ڪندا.هڪ 400 ميگاواٽ جو سولر پارڪ مانجهند ۾ 40 ملين ڊالرن جي لاڳت سان قائم ڪيو ويندو. هڪ 20 ميگاواٽ جو روٽ ٽاپ سولر سسٽم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 25 ملين ڊالرن جي لاڳت سان سرڪاري شعبي جي عمارتن ۾ قائم ڪيو ويندو.  ٽيون ڪمپونينٽس صوبي جي 10 ضلعن جي پٺتي پيل علائقن ۾ سولر پاڪ ذريعي 2 لک هوم سسٽم جو آهي جنهن تي لاڳت جو ڪاٿو 30 ملين ڊالرز آهي. ان منصوبي تحت ڄاڻايل علائقن ۾ جيڪي گرڊ زونن کان باهر آهن 2 لک گهرن کي سولر اليڪٽرڪ سٽي فراهم ڪئي ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير انرجي امتياز شيخ کي هدايت ڪئي ته هو نجي فرمز سان گڏ معاهدي تي صحيحون ڪري ته جيئن هو سولر پاڪ ذريعي ان منصوبي جي سارسنڀال ۽ ان کي هلائي سگهي جنهن تحت 2 لک گهرن کي بجلي ملندي. امتياز شيخ وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايس ايس اي پي جي سڀني ٽن ڪمپونينٽس تي عملدرآمد لاءِ ڪانٽريڪٽس کي ورلڊ بينڪ جي گائيڊلائينن تحت حتمي شڪل ڏني وئي آهي. هن چيو ته سرڪاري عمارتن جي نشاندهي لاءِ سروي ڪيو ويندو ۽ کين ڇتن تي سولر سسٽم لڳائڻ لاءِ تعداد جا بلز تيار ڪيا ويندا. صوبي جي 10 ضلعن ۾ آف گرڊ ۽ آن گرڊ علائقن جي گهرن جو فرم سروي ڪندي. وڏي وزير، ورلڊ بينڪ جي مشن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن معاهدي تي ٿيندڙ صحيحي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته مٿي ڄاڻايل ٽنهي ڪمپونينٽس تي عملدرآمد کانپوءِ حڪومت جي بجلي جي بلز جي مد ۾ 500 ملين رپين تائين جي بچت ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *