آزادي مارچ ڪامياب قرار ، وزيراعظم جي وڃڻ جا چانسز گهٽ ناهن ٿيا وڌي ويا آهن، ايندڙ سال نئون وزيراعظم هوندو: بلاول زرداري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو آزادي مارچ کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم جي وڃڻ جا چانسز گهٽ نه ٿيا آهن، وڌي ويا آهن، ايندڙ سال نئون وزيراعظم هوندو. جي يو آءِ جي پلان بي ۽ چوڌري ڀائرن سان گڏجاڻين جا تفصيل رهبر ڪميٽي کي ناهن ٻڌايا ويا. سول نافرماني لاءِ مولانا جي حمايت نه ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پ پ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته آصف زرداري ضمانت لاءِ درخواست نه ٿو ڏئي، پر کيس ڊاڪٽر سان ملڻ لاءِ 6 مهينن جي اجازت به نه ٿي ڏني وڃي. بلاول ڀٽو جي يو آءِ جي آزادي مارچ کي ڪامياب قرار ڏنو آهي ۽ چيو ته وزيراعظم جي وڃڻ جا چانسز گهٽ ناهن ٿيا، اڃا وڌيا آهن. بلاول اعتماد واري انداز ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان کي وڃڻو پوندو ۽ انشاء الله ايندڙ سال نئون وزيراعظم هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين چيو ته نه جي يو آءِ ف جي پلان بي ۽ نه ئي چوڌري ڀائرن سان گڏجاڻين جا تفصيل رهبر ڪميٽي کي ٻڌايا ويا آهن. هن چيو ته جي يو آءِ جي پلان بي ۽ سي جا تفصيل ملڻ کانسواءِ ان جي حمايت تي نه ٿو ڳالهائي سگهان. هن چيو ته پ پ جو يومِ تاسيس آزاد ڪشمير ۾ ملهائينداسين ۽ پنهنجي ايندڙ حڪمت عملي بابت پاڪستاني قوم ۽ سڄي دنيا کي ٻڌائينداسين.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *