وفاقي وزير محبوب سلطان پاران سنڌ صوبي کي 4 لک ٽن ڪڻڪ ڏيڻ جو اعلان

حيدرآباد(هه.آ) وزيراعظم پاڪستان عمران خان جي خاص هدايتن تي سنڌ آيو آهيان، صوبي لئه چار لک ٽن ڪڻڪ ڏيڻ جو اعلان. وفاقي وزير برائي زراعت صاحبزاده محمد محبوب سلطان، وفاقي وزير برائي زراعت جناب صاحبزاده محمد محبوب سلطان پاسڪو گودام حيدرآباد ۾ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪڻڪ جي کوٽ فقط سنڌ صوبي ۾ آهي پر اسان لئه سڄو پاڪستان هڪ جهڙو آهي. وزيراعظم پاڪستان جي ملڪ جي صورتحال تي مڪمل نظر آهي، سندن خاص هدايت تي سنڌ آيو آهيان، اٽي جو موجوده بحران صوبائي حڪومت جي نااهلي سبب ئي آهي. ڪوشش هوندي ته صوبي ۾ موجود اٽي جي بحران تي تمام جلد ڪنٽرول ڪري وٺون. هن پريس سان مختصر ڳالهائيندي چيو ته اسان کي خبر آ هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي تمام گھڻي آ پر ان جو سبب پوئين حڪومتن جا ڪيل غلط فيصلا ۽ بي جا ورتل قرض آ. پر الله تعالى  جا احسان جو موجوده حڪومت جي ڪيل فيصلن سان ملڪي معيشت سنئين دڳ تي اچي رهي آهي جنهن جي تعريف مختلف ملڪن جا ادارا پڻ ڪري رهيا آهن.  وفاقي وزير جي حيدرآباد دوري تي مختلف فلور مل مالڪن جي طرفان معزز مهمان کي اجرڪن ۽ سنڌي ٽوپين جا تحفا پڻ ڏنا ويا. ان بعد وفاقي وزير صاحبزاده محمد محبوب سلطان صاحب حيدرآباد ضلعي ۾ پوکيل مختلف زرعي فارمن جا دورا ڪري تيار ٿيندڙ فصلن متعلق تفصيل پڻ ورتا. دوري وقت ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سندن چوڻ هو ته پاڪستان الله تعالى جي فضل سان هڪ زرعي ملڪ آهي جيڪو زراعت جا ڪافي اسم ٻاهرن ملڪن ۾ ايڪسپورٽ به ڪندو آهي اسان ملڪي زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ مختلف ڪوششون ڪري رهيا آهيون جن جو رزلٽ تمام جلد عوام جي اڳيان هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *