سنڌ ۾ گورنر راڄ جو ڪو به امڪان ناهي نه ئي وڏو وزير تبديل ٿيندو: آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جڏهن نيوٽل ايمپائر ايندو ته پ پ اتي بيٺي هوندي جتي پهريان هئي، سنڌ جو وڏو وزير نه مٽجي رهيو آهي ۽ نه ئي گورنر راڄ جو خوف آهي، جمهوريت جو گل وڌي وڻ بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين، صفوران سانحو سوچيل سمجهيل سانحو آهي، جملي طور سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، اقتصادي منصوبو اسان هڪ هزار ميل منظور ڪرايو هاڻ جيڪڏهن اهي 15 سئو ميل بڻائڻ چاهين ٿا ته اسان ڪو اعتراز نه آهي سمورين سياسي پارٽين کي هن نئين اڳڀرائي تي راضي ڪرڻ لا3ءِ تيار آهيون، بلاول ڀٽو پاڪستان اچڻ لاءِ دبئي پهچي چڪو آهي، ذالفقار مرزا جي پويان ڪنهن جو هٿ آهي اهو جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي ان جي پارٽي مزاحمت ڪئي، سومر تي يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف شيري رحمان، فرحت الله بابر، پلوشا بحرام سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ڪندي هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته موجوده حڪومت 5 سال پورا ڪري ۽ ڪنهن اشو تي جمهوريت کي ڍڪ نه رسي، جمهوريت کي جڏهن به ضرور پئي ته اسان مدد ڪئي، ملڪ ۾ 5 سال جمهوريت اچي پوءِ ڪو ڊرامو ڪيو وڃي ٿو، عوام کي جمهوريت جا ثمر پهچن ئي نٿا، هاڻ ملڪ ۾ 7 سالن کان جمهوريت هلي رهي آهي، هن چيو ته اسان شام اندر مداخلت ناهي ڪئي، ڪجهه دوست چيو ته اوهان تاريخ جي غلط رخ ۾ وڃي رهيا آهيو، اڄ انهن کي خبر پئجي وئي ته مان تاريخ جي غلط رخ ۾ نه هيس، هن چيو ته پ پ سنجينده سياست ڪندي آهي ڪو به دٻاءُ اسان کي ڪمزور نٿو ڪري سگهجي، سيد قائم علي شاهه تبديل نه ٿي رهيو ۽ نه ئي گورنر راڄ جو خوف آهي، پوئين حڪومت ۾ به چيو ويو ته سنڌ حڪومت ڪمزور آهي پر عام چونڊن ۾ پ پ ڪامياب ٿي ۽ اهي ئي نتيجا آيا جيڪي بي بي جي شهادت کانپوءِ آيا هئا، ڪجهه هنڌن تي غلطيون ٿيون اسان غلط ٽڪيٽون ڏنيون. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ گورنر راڄ لڳائڻ آسان نه آهي، جن جي اها سوچ آهي اها اخبارن جي سرخن لاءِ ٿي سگهي ٿي، اسان کي ان کان خوف نه آهي، مون کي اهڙي ڪا صورتحال نظر نٿي اچي، عمران خان سياست ۾ گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي، پاڪستان ۾ هميشه 2 پارٽيون ناهن رهيون، ايتريون سياسي پارٽيون آهن جيترا نيوز چينل آهن، جڏهن ڪو نيوٽل ايمپائر ايندو اسان اتي بيهنداسين جتي اڳ بيٺا هئاسين. هن چيو ته ڪور ڪمانڊر جي پنهنجي سوچ آهي ان جو اندازو ائين هوندو آهي هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو آهي عوام کي اڄ هڪ هزار گيلن فري پاڻي سپلاءِ ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪارگل کي ڪا فتح نٿو سمجهان اسان کي ان سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو، ملڪ ۾ 25 کان 30 سال جمهوريت قائم رهندي ته ان تي ڳالهيون نه ٿينديون، ذوالفقار مرزا جي حوالي سان هن چيو ته حضرت علي ڪرم الله جو قول آهي ته جنهن تي احسان ڪريو ان جي شر کان بچو، ذوالفقار مرزا جو پنهنجو ايمان آهي هو خود چوندو آهي ته مان بدبوءِ دار شيعو آهيان، هن چيو ته پ پ جي حڪومت ڏکڻ پنجاب تي ان جي ڪوٽا کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي، يوسف رضا گيلاني گهڻو ڪم ڪيو، سرائيڪي صوبي لاءِ قرارداد کي سينيٽ مان منظور ڪرايو، هن چيو ته مان بلاول ڀٽو، عاصفه ۽ بختاور گڏجي پراڻن ورڪرن کي گڏ ڪنداسين، هن چيو ته اسان ويزاعظم سان ويهي فوج کي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني، سنڌ جي ڪوٽا مان خرچ ڪيو پيو وڃي، پشاور ۾ حالتون ڳنڀير آهن، اتان جا سيڙپڪار اسلام آباد منتقل ٿي چڪا آهن، هن چيو ته مان سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي پسند ڪريان ٿو، ايم ڪيو ايم ئي ٻڌائي سگهي ٿي ته هو ڪيسيتائين گورنر جي عهدي تي آهي، هن ذوالفقار مرزا جي حوالي سان چيو ته هميشه ڪو ڪنهنجي اشاري تي نچندو رهندو آهي، ذوالفقار مرزا پاڻ چوي ٿو ته مان ان کي ڪپڙا ڏنا ان جو مطلب آهي ته ان جا ٻارڙا جيڪو پڙهي رهيا آهن اهي به منهنجا پيسا هوندا، جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي ان تي مان ڇا چئي سگهان ٿو، هن چيو ته بلاول دبئي پهچي چڪو آهي، جلد پاڪستان ايندو پر حتمي تاريخ نٿو ٻڌائي سگهان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *