ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ آپريشنل فيصلا ڪري ڇڏيا آهن: چوڌري نثار

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر/اين اين آءِ)وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ڪراچي آپريشن جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ آپريشن ڪنهن سياسي دٻاءَ بغير جاري رهندو. هو سومر ڏينهن هتي سنڌ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ رينجرز سنڌ ڊي جي ميجر جنرل بلال اڪبر سان ملاقاتن دوران ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ صفورا چورنگي سانحي سميت ٻين واقعن تي ويچاريو ويو. وفاقي گهرو وزير سنڌ جي وڏي وزير کي وفاقي حڪومت کان فنڊز ۽ جديد آلات جي فراهمي متعلق مسئلن جي حل لاءِ پاڻ ڪوششون ڪرڻ جي خاطري ڏياري. وزيراعليٰ هائوس ۾ گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سان وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ صفورا چورنگي سانحي متعلق ڳالهايو ويو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ذريعن موجب وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت کي فنڊز ۽ جديد آلات اڃا تائين فراهم ناهن ڪيا ويا، جنهن تي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان مسئلن جي حل لاءِ پاڻ ڪوششون ڪرڻ جي خاطري ڏياري. بعد ۾ گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ سنڌ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ صوبي جي صورتحال ۽ صفورا سانحي تي ڳالهايو ويو، گهرو وزير چيو ته ڪراچي آپريشن جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ آپريشن بغير ڪنهن سياسي دٻاءَ جي جاري رهندو، سنڌ گورنر چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ تمام سياسي پارٽيون تعاون ڪري رهيون آهن، ڪراچي آپريشن ڪنهن به صورت ۾ نه روڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي حوالي سان رينجرز جو ڪردار اهم آهي، رينجرز جي ڪارڪردگي سبب ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي، صفورا چورنگي سانحي سميت هاڻوڪي هاءِ پروفائل ٽارگيٽ ڪلنگ جي حملن ۾ ملوث دهشتگردن متعلق اهم شاهد مليا آهن، ڪارواين ۾ ملوث دهشتگرد جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ هوندا. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان رينجرز هيڊڪوارٽرز ڪراچي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي رينجرز سنڌ ڊي جي ميجر جنرل بلال اڪبر کيس صفورا چورنگي سانحي سميت هاڻوڪي هاءِ پروفائل ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن تي بريفنگ ڏني. گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ٻين ڏوهن جي روڪٿام تي رينجرز جي ڪردار کي ساراهيو، رينجرز ڊي جي ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ گرفتارين متعلق به گهرو وزير کي آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته مثبت پاسي ۾ جاري جاچ سان دهشتگردن تائين پهچڻ ۾ آساني ٿيندي، دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. گهرو وزير چيو ته رينجرز جي ڪارڪردگي سبب ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي حوالي سان رينجرز جو ڪردار اهم آهي، رينجرز جي ڪارڪردگي سبب ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي، صفورا چورنگي سانحي سميت هاڻوڪي هاءِ پروفائل ٽارگيٽ ڪلنگ جي حملن ۾ ملوث دهشتگردن متعلق اهم شاهد مليا آهن، ڪارواين ۾ ملوث دهشتگرد جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ هوندا. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته صفوران سانحي جي 3 رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ڀارتي ڳجهي اينجنسي را يا پرڏيهي هٿ ملوث هجڻ جي باري ۾ حتمي بيان ڏيڻ وقت کان اڳ هوندو، صفوران سانحي جي جاچ دوران 3 کان 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن جي باري ۾ وضاحت نٿو ڪري سگهان، ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ اهم آپريشنل فيصلا ڪيا ويا آهن، آپريشن ضرب عضب کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي ادارن 10 هزار انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪري 36 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد کانپوءِ 3 هزار آپريشن ڪيا ويا آهن، پاڪسان ۽ برطانيا وچ ۾ جوابدارن جي تحويل لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار معظم علي جي جي آءِ ٽي بابت تفصيل ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ جاري ڪندس، سڄي ملڪ ۾ هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ هڪجهڙي پاليسي جوڙي ويندي، سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد لاءِ حالتون معمول تي آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته ڪراچي اچڻ جو مقصد صفوران ڳوٺ سانحي تي ٿيندڙ جاچ تي بريفنگ وٺڻي هئي، دهشتگردن اسماعيلي برادري کي نشانو بڻايو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، پوليس رينجرز ۽ ڳجهن ادارن ٿيندڙ جاچ کان آگاهه ڪيو آهي، هن چيو ته واقعي جي اصل حقيقتن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جاچ صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي، جاچ کان اڳ ڪو حتمي بيان ڏيڻ مناسب نه آهي، جاچ ڪندڙ ادارن کي وقت ڏنو وڃي، جيڪو به واقعي ۾ ملوث هوندو ان کي آڏو آندو ويندو ۽ ان جي پويان موجود هٿ بي نقاب ڪيا ويندا، هن چيو ته دهشتگردي خلاف اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، هي ٽي ٽوئنٽي يا 50 اوورز جي ميچ نه آهي جيڪا سولائي سان فتح ڪئي وڃي، 14 سالن کان ملڪ دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي هن جنگ جي شروعات 2001 کانپوءِ ٿي، 2009 کان 2011 تائين ملڪ ۾ خراب حالتون هنيون، جڏهن کان حڪومت ۾ آيا آهيون اسان پرامن نموني حالتون ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳالهيون ڪيون پر ٻئي پاسي کان ڊبل گيم ۽ منافقت ڏسڻ ۾ آئي جنهن کانپوءِ فوجي آپريشن شروع ڪيو، هن چيو ته جون 2013 کان اڳ پاڪستان ۾ روزانو 5 کان 7 ڌماڪا ٿيندا هئا پر اسان اقتدار ۾ آياسين دهشتگردي خلاف منظم پاليسي جوڙي، سيڪيورٽي ادارا ان تي عمل پيرا آهن،هاڻ هفتا هفتا گذريل وڃي ٿا ملڪ ۾ ڌماڪا نٿا ٿين، مان اهو نٿو چوان ته ملڪ ۾ دهشتگردي ختم ٿي وئي آهي، جيڪڏهن هڪ ڌماڪو ٿي وڃي ٿو ته سيڪيورٽِي ادارن جي مهينن جي محنت تي پاڻي پئجي وڃي ٿو پر اسان پرعزم آهيون، مان وڏي وزير کان پڇا ڪئي ته اسماعيلي ڪميونٽي کي سيڪيورٽي ڇو نه ڏني وئي، وڏو وزير ان حوالي سان جاچ ڪري رهيو آهي، بس تي حملي ۾ غريب ۽ ٻن ويلي جي ماني ڪمائيندڙن کي نشانو بڻايو ويو آهي، دهشتگرد آخرت ۾ جهنم ۾ ويندا پر اسان کين عبرت جو نشانو بڻائينداسين، ملڪ ۾ پرائيويٽ سيڪيورٽي ايجنسيون هزارن جي انگ ۾ آهن، 3 سئو کان وڌيڪ ڪراچي ۾ آهن انهن ۾ ڀرتي ماڻهو تربيت يافتا نه آهن ۽ انهن جي نظام ۾ شفافيت نه آهي تنهنڪري پرائيويٽ سيڪيورٽي ۽ ايجنسين جي رجسٽريشن ۽ هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ پاليسي جوڙي رهيا آهيون، هن چيو ته ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آپريشنل فيصلا ڪري ورتا آهن جن بابت آگاهه نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته ان سان دشمن کي فائدو ٿيندو، اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف پاليسي لاءِ وڌيڪ اهم فيصلا ڪيا ويندا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي گورنر سان ملاقات ٿي آهي پريس ڪانفرنس مون کي ڪرڻي هئي تنهنڪري هو ناهي آيو، سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ جي حوالي سان هن چيو ته پهريان وزيراعظم آيو هو هاڻ مان آيو آهيان، گورنر سنڌ سان ملاقات ٿي آهي، سندس لاءِ حالتون نارمل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *