وزيراعظم بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي بحالي ۽ اپ گريڊيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي بحالي ۽ اپ گريڊيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو،45 ڪروڙ رپين جي منصوبي سان ڊيلٽا ٽيڪسي وي تعمير ڪيو ويو، جنهن سان 12 ڪروڙ رپيا ماهوار تيل جي بچت ٿيندي. وزيراعظم نواز شريف، اسلام آباد جي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي بحالي ۽ اپ گريڊ واري منصوبي جي افتتاحلاءِ پهتو ته ايئر چيف مارشل سهيل امان ۽ سول ايوي ايشن جي صلاحڪار شجاعت عظيم سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم 45 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تيار ڪيل ايئرپورٽ جي بحالي ۽ اپ گريڊيشن واري منصوبي جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي سول ايوي ايشن جي صلاحڪار شجاعت عظيم چيو ته هن منصوبي تحت ٽيڪسي ڊيلٽا وي تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن سان هر مهيني 12 ڪروڙ رپين جي تيل جي بچت ٿيندي.وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبي سان مسافرن لاءِ ڪائونٽرز ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عالمي روانگي لاءِ فاسٽ ٽريڪ ڪائونٽر به وڌايو ويو آهي. منصوبي جي افتتاح بعد وزيراعظم نواز شريف ايئرپورٽ جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *