سنڌ ۾ ڪُتن جي نس بندي منصوبي تي عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو، اڄ ملازمن کي سکيا ڏني ويندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪُتن جي نس بندي واري منصوبي تي اڄ کان عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مڪاني کاتي جي سيڪريٽري روشن شيخ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ واڳيل عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته نادر مگسي به موجود هو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪُتن جي نس بندي واري منصوبي تي اڄ کان عمل شروع ڪيو ويندو، اُن حوالي سان پهرئين مرحلي ۾ مڪاني کاتي جي ملازمن کي نس بندي جي حوالي سان سکيا ڏني ويندي. اجلاس دوران سڀاڻي ڪراچي سينٽرل ضلعي سان واسطو رکندڙ مڪاني کاتي جي ملازمن کي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ مهيني اندر ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ ملازمن کي نس بندي بابت سکيا ڏني ويندي، اُهي وري بعد ۾ مختلف ضلعن ۾ وڃي مڪاني کاتي جي ملازمن کي سکيا ڏيندا. اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته ڪُتن جي نس بندي لاءِ اين جي اوز کان به مدد ورتي ويندي، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *