ڪراچي پوليس 95 قتل ڪندڙ متحده لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو، فاروق ستار سان رابطن جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس 90 کان وڌيڪ قتل ڪندڙ متحده لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ايسٽ انڪشاف ڪيو آهي ته ٽارگيٽ ڪلر يوسف عرف ٺيلهي وارو نائين زيرو ۾ لڪي ويٺو ۽ فاروق ستار کيس ڪمرو وٺرائي ڏنو هو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ائنٽي اسٽريٽ ڪرائيم اسڪواڊ ۽ سولجر بازار پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي متحده لنڊن سان واسطو رکندڙ خطرناڪ ٽارگيٽ ڪلر يوسف عرف “ٺيلهي وارو“ کي گرفتار ڪري ورتو. وٽانئس هينڊ گرنيڊ، ٽي ٽي پستول، موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪاررائي دوران ٽارگيٽ ڪلر جو ساٿي فرار ٿي ويو. ايس ايس پي ايسٽ موجب جوابدار جاچ دوران هوش خطا ڪندڙ انڪشاف ڪيا ۽ 95 ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. يوسف 1995ع ۾ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيو ۽ تڏهوڪي يونٽ انچارج خالد صديقي بدنام ٽارگيٽ ڪلر نديم مارل سان کيس ملايو، جنهن وري کيس ٽريننگ ڏني. هن پهريون قتل مخبري ڪرڻ تي هڪ مهاجر جو ڪيو، اُن کانپوءِ ساٿين سوڌو 30 ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي، جڏهن ته 66 ماڻهن جي لاشن کي ٺڪاڻي لڳائڻ واري ڏوهه ۾ به ملوث رهيو آهي. هُن آرمي جي ٻن جوانن، ايئر فورس جي هڪ اهلڪار، هڪ پوليس اهلڪار ۽ 5 سرڪاري ملازمن توڙي متحده حقيقي جي ڪارڪنن سوڌو لساني بنيادن تي پنجابي ۽ پٺاڻن جا به قتل ڪيا. ايس ايس پي ايسٽ اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته مومن آباد ٿاڻي تي ٽارگيٽ ڪلر يوسف خلاف قتل ۽ اغوا جا ڪيس دخل ٿيل آهن، کيس رينجرز 1996ع ۾ گرفتار ڪيو پر ٻئي سال ضمانت تي آزاد ٿي ويو. وري مومن آباد پوليس 1998ع ۾ کيس گرفتار ڪيو، پر جوابدار آزاد ٿيڻ لاءِ 2003ع ۾ پرول جو سهارو ورتو ۽ پوءِ روپوش ٿي ويو. جنهن دوران به ايم ڪيو ايم الطاف گروپ جي خالد صديقي ۽ ڏوهاري نهال تائين قيادت جون هدايتون پهچائيندو هو. ايس ايس پي ايسٽ انڪشاف ڪيو آهي ته سال 2013ع ۾ فرار ٿيڻ بعد هو هڪ مهيني تائين نائين زيرو ۾ لڪيل رهيو، متحده پاڪستان جي موجوده اڳواڻ فاروق ستار تنهن وقت کيس نائين زيرو ۾ ڪمرو وٺرائي ڏنو هو. يوسف کي خالد صديقي ۽ نديم مارل فاروق ستار سان ملايو هو. اُهي متحده لنڊن جي قيادت سان رابطي ۾ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *