جيڪڏهن عمران خان چوري ناهي ڪئي ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پاڻ پيش ٿئي: ن ليگ ترجمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو وزيراعظم عمران خان جا اثاثا ظاهر نه ٿيڻ ۽ سموريون ٽيڪس ادائگيون نه ٿيڻ جي انڪشاف تي وزيراعظم عمران خان کي چئلينج ڪري ڇڏيو، هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران صاحب چوري ناهي ڪئي ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ پاڻ پيش ٿيو، قوم کي خطاب ڪري پنهنجي ٻارن ۽ موجوده ۽ اڳوڻين زالين جا اثاثا ظاهر ڪريو، عمران صاحب پنهنجي لاءِ ٽيون پاڪستان ۽ ٻين لاءِ نئون پاڪستان، هن چيو ته عمران صاحب ٻين کي چور چور چوڻ وارو پاڻ چور آهي، عمران صاحب 36 سالن ۾ رڳو 47 لک ٽيڪس ڇو، عمران صاحب جواب ڏيو ته ٻارن ۽ زالن جي نالي تي پرڏيهي بينڪ اڪائونٽ ڇو ڊڪليئر ناهن ڪيا، عمران خان جمائما گولڊ سمٿ، ريحام خان، بشريٰ بيبي جي نالي تي ملڪ اندر ۽ پرڏيهي ملڪيت کي ظاهر ڇو نه ڪيو، عمران صاحب پنهنجي ڪنهن ٻار جو اڪائونٽم، پراپرٽي ۽ اثاثا ڊڪليئر ناهن ڇو، ٻين جي 3 نسلن تي ڪوڙا الزام؟ عمران صاحب شيشِي جي گهر ۾ ويهي ٻين تي الزامن جا پٿر اڇلائيندا رهيو، عمران صاحب 23 ڳجهن اڪائونٽس جي تلاشي ڏيو، هن چيو ته 2017 ۾ عمران صاحب رڳو هڪ لک 3 هزار 763 رپيا ٽيڪس ڏني، عمران صاحب وزيراعظم ٽيڪس چور هوندو ته قوم ٽيڪس ڇو ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *