سنڌ ۾ ڪا به بيڊ گورننس ناهي نه ئي 2 آءِ جي آهن: مراد علي شاهه

ڪشمور(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪا به بيڊ گورننس ناهي، سنڌ ۾ ٻه آءِ جي ناهن، هڪ ئي آءِ جي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪشمور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي عدالتن ضمانت ڏني آهي ان ۾ ڊيل واري ڪا به ڳالهه ناهي. ڪالهه  احتجاج ڪندڙن کي چار ڪلاڪ جيل ۾ رکيو ويو ته انهن کي خبر پئجي وئي. ڪراچي جي ميئر کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي. باغ قاسم سنڌ اسيمبلي جي هڪ قانون تحت ڏنو ويو آهي، عوام کي خبر هئڻ گهرجي ته سندس بلاڪ جي ڪيتري آبادي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاق کي مشورو ڏنو ته مردم شماري جو عمل شفاف بڻايو وڃي، پيپلز پارٽي چئني صوبن ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *