شهيد ڀٽو هڪ نظريعي جو نالو…!

اهو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو  جنهن عوام لاءِ سوچڻ جهڙو ڏوهه ڪري ورتو هو، جنهن جهڳيءَ ۾ جيئندڙ ماڻهن کي سياسي شعور ڏنو، هاريءَ توڙي پورهيت کي سندس حق ۽ اهميت جو احساس ڏنو تنهن کي اُهي قوتون ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيون، جن جو مقصد هوندو ئي ٻين جا حق غصب ڪرڻ آهي. ذوالفقار علي ڀُٽو جي هن ملڪ ۽ عوام سان ڪيل چڱاين کي سندس مخالف به مڃين ٿا، آئين جوڙڻ کان ائٽمي طاقت بڻائڻ واري عمل تائين، جنگي قيدين جي رهائي توڙي قبضي هيٺ آيل ملڪي زمين واپس وٺڻ واري مامري يا اسٽيل مل جي قيام تائين جهڙن عملن کي ساريندي مُلڪ جو عوام اڄ به پنهنجون اکيون آليون ڪري ويهي ٿو. اهڙا اڳواڻ ورلي، بلڪه صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن- جيڪڏهن ڏسجي ته مُلڪي تاريخ ۾ ڀُٽو کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو ڪٽنب نظر نٿو اچي، جن پنهنجن اصولن ۽ عوام جي ڀلي خاطر شهادت جو جام نوش ڪيو هُجي. اڄ به جڏهن مُلڪ ۾ ڪا آفت واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته ماڻهو شهيد ڀُٽو کي ياد ڪرڻ لڳن ٿا، جو ڀُٽو اُهو واحد حڪمران هو جيڪو مشڪل گهڙين ۾ پنهنجن ماڻهن سان گڏ بيٺل نظر ايندو هو. جيڪڏهن سوچيل سمجهيل هڪ مڪروهه سوچ سندس جان جي دشمن نه بڻجي ها ته اڄ دنيا ۾ اسان جي مُلڪ جي سڃاڻ غير محفوظ ۽ دهشتگردن جي پناهگاهه واري هرگز نه هجي ها، پر پوري دنيا ۾ هن مُلڪ جو ماڻهو فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري چوي ها ته ’ها آئون پاڪستاني آهيان.‘ اڄ اسين جنهن انتشار جو شڪار بڻيل آهيون، اسان جون عبادتگاهون، اسڪول توڙي عام گذرگاهون محفوظ نه آهن، انتهاپسندي جيڪا جياپي جا گس بند ڪندي پئي وڃي، تنهن جو ٻج گهڻو اڳ، ٻاهرين قوتن جي ونگار وهندي عوام مخالف ڊڪٽيٽر ضياءَ اُن وقت ڇٽيو هو، جڏهن هُن هڪ چونڊيل عوامي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اڇي ڪاري جو پاڻ کي ڌڻي بڻائي ڇڏيو هو. سندس اهڙي راتاهي نه رُڳو جمهوريت کي لهو لهو ڪري ڇڏيو هو، پر مُلڪ مٿان به اوندهه انڌوڪار ڇانئجي وئي هئي ۽ اهڙي اونداهه 4- اپريل 1979ع تي اُن وقت گهگهه بڻجي وئي هُئي، جڏهن لکين دلين تي راڄ ڪندڙ ذوالفقار علي ڀُٽو کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ ڦاهي ڏني وئي هُئي. تڏهن کان اڄ تائين اُن اونداهه جا اثر مُلڪ تان هٽڻ جو نانءُ ئي نٿا وٺن ۽ ضياءَ سوچ اڄ به مختلف صورتن ۾ اسان جو پيڇو ڪري رهي آهي. سياست جهڙو مثبت سماجي علم جيڪڏهن اڄ هٽ جو وکر بڻجي ويو آهي ته اُن پٺيان به ضيائي سوچ جو ئي عمل دخل آهي. تنهن ڪري 4 اپريل کي روايتي نموني ملهائڻ بدران اُن کي سماجي تبديليءَ جو ڏينهن ڪري ملهائڻ گهرجي. اڄ جيڪا مُلڪ ۾ جهڙي تهڙي جمهوريت آهي، عوام شايد ان لاءِ به ترسندو رهي ها، جيڪڏهن ڀٽوز پنهنجي جانين جو نذرانو پيش نه ڪن ها، اِهو هن مُلڪ جي عوام مٿان ڀٽوز جو احسان رهندو، جنهن کي شايد ته صدين تائين هتي جو عوام وساري نه سگهي. 4 اپريل جو  ڏينهن سنڌ لاءِ سُڏڪي جهڙو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي مُلڪ توڙي سنڌ جو عوام پنهنجي عظيم اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ۽ اُن سان گڏوگڏ سندس پونئيرن کان اِها تقاضا به ڪري ٿو ته ڀُٽي جي مشن کي جاري رکيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *