قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ۳۸ هين ورسي اڄ ملھائي ويندي ، انتظام مڪمل، عام موڪل جو اعلان

ڪراچي/لاڙڪاڻو(م.ڊ/اي پي پي) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي جنهن لاءِ سمورن انتظامن کي مڪمل ڪندي شهيدن جي مزارن ۽ جلسي گاهه کي بينرن توڙي پارٽي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي. جلسي گاهه ۾ ڪارڪنن جي ويهڻ لاءِ 42 ڪيمپون لڳائي قالين وڇايا ويا آهن جڏهن ته مزار جي احاطي ۾ قائم چئن مرڪزي گيٽن وٽ واڪ ٿرو گيٽس، سي سي ٽي وي ۽ ميٽلڊ ڊڪيٽر لڳايا ويا آهن. سانحي سيوهڻ کان بعد ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظامن کي سخت ڪندي 6800 پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سيڪيورٽي انتظامن جي نگراني لاءِ 32 ايس ايس پيز ۽ 91 ڊي ايس پي کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي، گڏوگڏ ايس ايس يو توڙي ليڊيز پوليس اهڪارن ۽ ڪمانڊز جي به ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندڙ قافلن لاءِ ٽريفڪ پلان پڻ جوڙيو ويو آهي ۽ ان کان علاوه ضلعي ۾ 174 پوليس پڪٽون توڙي ناڪا لڳايا ويا آهن ته جيئن ڪنهن به شڪي يا غير واسطيدار ماڻهو جلسي گاهه ۾ اچي نه سگهي ۽ هر ماڻهو جي تلاشي وٺي کيس جلسي گاهه ۾ ڇڏيو پيو وڃي. پوليس پاران سيڪيورٽي پلان جي مختلف زونز ۾ ورهايو ويو آهي، هر زون تي هڪ ايس ايس پي سطح جي آفيسر کي مقرر ڪيو ويو آهي. ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد عباس بلوچ موجب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي جي موقعي تي اڳ کان بهتر انتظام ڪيا ويا آهن جڏهن ته جلسي گاهه ۾ مختلف کاتن پاران استقباليه ۽ ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون آهن. هن چيو ته ورسي ۾ شرڪت ڪندڙن جي لاءِ ٿڌي پاڻي ۽ باٿ رومن جو پڻ الڳ بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ رضاڪارن کي به مقرر ڪيو ويو آهي ته ورسيءَ جون تقريبون بهتر نموني سان ٿي سگهن. هوڏانهن ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو صدر ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پ پ پ سنڌ جو صدر ۽ خوراڪ کاتي جو سينيئر صوبائي وزير سميت ٻيا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ پڻ ڳڙهي خدابخش پهچي ويا آهن جيڪي ورسي جي موقعي تي جلسي کي پڻ خطاب ڪندا. هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته جلسه عام ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري خصوصي خطاب ڪري ملڪ جي موجوده صورتحال تي مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندا
پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي ۴ اپريل تي سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ۳۸ هين ورسي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ اڱاري واري ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جون سموريون سرڪاري آفيسون، ۽ غير سرڪاري ادارا مڪمل طور بند رهندا، ياد رهي ته ذوالفقار علي ڀٽو ۱۹٦۳ع کان ۱۹٦٦ع تائين ملڪ جي پهرين فوجي صدر جنرل ايوب خان جي ڪابينا ۾ وفاقي وزير پڻ رهيو هو، ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي جنرل ضياءَ الحق ملڪ اندر مارشل لا لاڳو ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪيو، جنهن کي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ۴ اپريل ۱۹۷۹ تي ڦاسي ڏني وئي هئي.

Author: Tariq Sandilo