سنڌ ۾ پي ٽي آءِ سان نفرت جو اظهار، باقراڻي جي سگهاري سياسي قوت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، پ پ ۾ شموليت جو اعلان

ڏوڪري/باقراڻي(نمائندن وٽان) ٻيٽن جي معاملي تي وفاقي حڪومت جي قدمن خلاف سنڌ ۾ ڪاوڙ جي لهر برقرار، تعلقي باقراڻي جي سگهاري سياسي قوت تحريڪ انصاف کي الوداع ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ شفقت حسين انڙ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، شفقت حسين انڙ فريال ٽالپر سان ڪراچي ۾ ملاقات دوران پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، پ پ ۾ شامل ٿيندڙ شفقت حسين انڙ چيو آهي ته پ پ ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن جي سياست جو محور عوام ۽ ان جي ترقي آهي، ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل انورسيال ۽ پ پ باقراڻي جو تعلقي صدر طارق انور سيال به موجود هئا. ٻئي طرف پي ٽي آءِ کي الودا ڪري پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ شفقت حسين انڙ جي رهائشگاهه علي آباد ۾ وڏي انگ ۾ عوام پاران مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي،

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *