اختر مينگل جي مريم نواز سان ملاقات، پي ٽي آءِ حڪومت کان لاپتا ماڻهن سوڌو 6 مطالبا رکيا هئا: اختر مينگل

اسلام آباد (م.ڊ) بي اين پي سربراهه اختر مينگل جي نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز سان اهم ملاقات، رائيونڊ ۾ ملاقات دوران ٻنهي پارٽيز جَي اڳواڻن جِي به شرڪت، ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي صلاح مشورا، اُن کان اڳ اختر مينگل رائيونڊ پهتو ته مريم نواز ۽ ٻين ليگي اڳواڻن سندس آجيان ڪئي، ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کان ڪوبه عهدو نه گهريو هو، اسان لاپتا ماڻهن سوڌو 6 نقاطي مطالبا رکيا هئا، عمل نه ٿيڻ تي حڪومت کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا، اسان حڪومت سان گڏ هلي رهيا هئاسين پر اُهي ريڙهيون پائي رهيا هئا، پي ڊي ايم جي اجلاس بعد ٻڌائينداسين ته دما دم مست قلندر ڪيئن ٿيندو؟.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *