مذهبي فسادن بابت ڪيس: ڪنگنا جي ٿاڻي ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ پنگا ڪوئين، ڪنگنا رناوت ۽ سندس ڀيڻ رنگولي چنڊيل پنهنجي خلاف داخل مذهبي فساد ڪرائڻ جي ڪيس ۾ هلندڙ مهيني 27 آڪٽوبر تائين ٿاڻي ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ورتي. ڪنگنا رناوت ۽ سندس ڀيڻ رنگولي چنڊيل کي رياست مهاراشٽرا جي شهر ممبئي جي باندرا پوليس مذهبي فساد ڪرائڻ جي ڪوشش بابت داخل ڪيس ۾ جاچ لاءِ 27 آڪٽوبر تائين پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو. ڀارتي اخبار انڊيا ٽوڊي موجب ڪنگنا رناوت ۽ سندس ڀيڻ رنگولي چنڊيل جي وڪيل رضوان صديقي باندرا پوليس کي لکت ۾ اداڪارا جي پيش نه ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو. رپورٽ موجب اداڪارا جي وڪيل رضوان صديقي پوليس کي لکت ۾ ٻڌايو ته ڪنگنا رناوت ۽ سندس ڀيڻ رنگولي چنڊيل هن وقت ممبئي ۾ موجود نه آهن جنهن سبب هو ٿاڻي تي پيش نٿيون ٿي سگهن. وڪيل طرفان پوليس کي موڪليل نوٽيس ۾ ٻڌايو ويو ته ٻئي ڀينرون پنهنجي اباڻي رياست هماچل پرديش ۾ ننڍي ڀاءُ جي شادي جي تيارين ۾ رڌل آهن ۽ هو فوري طور تي ممبئي نٿيون اچي سگهن. ڪنگنا رناوت جي وڪيل موجب سندس نوٽيس پوليس کي ملي چڪو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *