سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ختم، ڪاروبار، ٽرانسپورٽ، هوٽلز کلي ويا، ڪورونا ڪيس گھٽيا آھن: وڏو وزير

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته لاڪ ڊائون جي ڪورونا ۾ گهٽتائي آهي، سنڌ ۾ جڏهن لاڪ ڊائون لڳايو ته ڪورونا 13 سيڪڙو هو، اڄ 9.4 سيڪڙو آهي، ڪورونا کي ڪنٽرول عوام صرف احتياط سان ڪري سگهي ٿو، وڏي وزير اهڙيون ڳالهيون گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد الزابي سان ملاقات دوران ڪيون، وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات ۾ مختلف مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وڏي وزير پاران سيڙپڪارن کي هر طرح جون سهولتون ڏيڻ جون خاطري به ڪرايون. ٻئي پاسي سنڌ مان لاڪ ڊائون ۾ نرمي، مارڪيٽون، پبلڪ ٽرانسپورٽ، سياحتي ماڳ، هوٽلز مشروط طور کولڻ جي اجازت ڏني وئي آھي، نجي ۽ سرڪاري آفيسون به اڄ کان کلي ويون آھن، درگاهن ۽ سينيمائن تي پابندي برقرار، ماتمي جلوسن تي به پابندي نه هوندي. گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مارڪيٽون ۽ ڪاروباري سرگرميون اڄ کان کلي وينديون، جيڪي رات جو 8 وڳي تائين کليل رهنديون، جنهن بعد بند ٿي وينديون. جمعي ۽ آچر تي ڪاروبار مڪمل طور تي بند رهندو، هوٽلن ۾ ان ڊور ڊائننگ تي پابندي برقرار رهندي، پر آئوٽ ڊور ڊائننگ جي مشروط اجازت هوندي. هوٽلن ۾ رات جو 10 وڳي تائين آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي، هوم ڊليوري جي 24 ڪلاڪ اجازت هوندي. نوٽيفڪيشن موجب شادي تقريبن ۾ به ان ڊور ڊائننگ تي پابندي هوندي، شادي تقريبون کليل جڳهه تي ڪرڻ جي اجازت هوندي. 300 مهمانن کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت تي پابندي هوندي، درگاهون ۽ سينيمائون مڪمل طور بندي رهنديون، ان ڊور ثقافتي، مذهبي ۽ ميوزيڪل پروگرامن تي پابندي هوندي. ثقافتي، مذهبي ۽ ميوزيڪل پروگرام کليل جڳهه تي ڪري سگھبا، 300 ماڻهن جي شرڪت جي اجات هوندي، ڪراٽي، باڪسنگ، مارشل آرٽس، واٽر پولو، ڪٻڊي ۽ ريسلنگ تي پابندي هوندي، ان ڊور جم جي اجازت هوندي پر صرف ويڪسينيٽيڊ ماڻهو جم ۾ اچي سگھندا، نجي ۽ سرڪاري آفيسون اڄ کان کلي وينديون. 50 سيڪڙو ملازم آفيس اچي سگھندا، پبلڪ ٽرانسپورٽ به اڄ کان هلندي، گنجائش کان 50 سيڪڙو گھٽ مسافر سفر ڪري سگھندا، سفر دوران مسافرن کي نمڪو ۽ ٻيون شيون فراهم ڪرڻ تي پابندي هوندي، ريلوي سروس به اڄ هلندي. 50 سيڪڙو مسافر سفر ڪري سگھندا. نوٽيفڪيشن موجب سوئمنگ پول، واٽر اسپورٽس بند رهندا. سياحتي ماڳ به کلي ويا، صرف ويڪسينيٽيڊ سياح سياحتي ماڳن تي وڃي سگھندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *