پاڪستان گلوبل وارمنگ کي روڪڻ لاءِ پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ قدم کڻي رهيو آهي: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستانين کي پنهنجن ٻارڙن جي مستقبل جي ڳڻتي آهي ته هر پاڪستاني گهٽ کان گهٽ هڪ وڻ پوکي ۽ ان جي حفاظت ڪري پاڪستان گلوبل وارمنگ کي روڪڻ لاءِ پنهنجي حيثيت کان مٿي قدم کڻي رهيو آهي پاڪستان ۾ 60 سالن ۾ ڪل رڳو 64 ڪروڙ وڻ لڳايا ويا جڏهن ته اسان 2013 کان 2018 تائين خيبرپختونخواه ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا ۽ هاڻي اسان جو سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو حدف آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن سگيان جي هنڌ وٽ دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي اربن فاريسٽ جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي وڏو وزير عثمان بزدار، ملڪ امين اسلم سميت ٻيا به موجود هئا. ان موقعي تي وزرياعظم کي لاهور ۾ ٻين هنڌن ۽ سگيان واري هنڌ تي اپايل مياواڪي ٻيلي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي وزيراعظم چيو ته مان پنجاب حڪومت، پنجاب جي وڏي وزير ۽ ان جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جنهن ايڏو وڏو جهنگ وڌايو آهي هي اهو لاهور هو جنهن ۾ باغ هئا. وڻ هئا، صاف سٿري آب هوا هئي پر ڏسندي ڏسندي لاهور پاڪستان جو سڀ کان گدلو شهر بڻجي ويو آهي. هتي دنيا جو سڀ کان وڏو مياواڪي جو جهنگ آهي ۽ اسان ان کي ان جي باني پروفيسر جي نالي سان منسوب ڪيون ٿا. هن چيو ته تازو ئي هڪ رپورٽ ڇپي آهي جنهن ۾ دنيا جا ناليوارا سائنسدان ان نتيجي تي پهتا آهن ته انسان پنهنجي بقا لاءِ هن زمين تي وڏو ظلم ڪيو آهي ۽ ڪيتريون ئي شيون اتي پهچي ويون آهن جتان واپس نٿيون اچي سگهن گرم موسم جي ڪري سمنڊ جي سطح بلند ٿي وئي اهي ۽ هي واپس نٿي اچي سگهي. دنيا ۾ جيترا به انسان رهن ٿا جيڪڏهن اسان هاڻي به پوري ڪوشش ڪيون ته شايد مستقبل ۾ وڏن نقصانن کان دنيا کي بچائي سگهون ٿا وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن گلوبل وارمنگ کي روڪڻ لاءِ پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ قدم کنيا آهن. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت رليف جو دائرو وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته فليگ شپ فلاحي پروگرام  جي ذريعي گهٽ آمدني وارن گهراڻن کي سهولت ڏني وڃي سومر تي وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وزري شوڪت ترين ۽ خاص مددگار عثمان ڊار ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي ڪامياب پاڪستان پروگرام جي تيارين تي تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي وزيراعظم ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت رليف جو دائرو وڌائڻ جي هدايت ڪئي. شوڪت ترين چيو ته منصوبي کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي جلد ملڪ ۾ لانچ ٿيندو لکين گهراڻن جو ڊيٽا ورتو پيو وڇي وڏي پئماني تي رليف ڏنو ويندو عثمان ڊار چيو ته مالي وسيلن سان گڏوگڏ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪرڻ جو طريقيڪار به طئي ڪيو پيو وڃي وزيراعظم چيو ته غريبن گهراڻن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ سمورا حڪومتي وسيلا استعمال ڪيا وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *