هڪ شخص توهين عدالت ڪئي، سزا پوري پارٽي کي ڏني پئي وڃي: سعيد غني

ڪراچي(م.ڊ) اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايف آئي اي پاران مون سميت ڪيترن ئي وزيرن ۽ اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو اطلاع مليو آهي، نفيسا شاهه ۽ مون کي واٽس ايپ تي هڪ ميسيج موڪليو ويو آهي ته توهان حاضر ٿيو. هن چيو ته پ پ ڪراچي جي ڪارڪن مسعود الرحمان عباسي چيف جسٽس خلاف تقرير ڪئي جيڪا غلط هئي ان ڪري مون ڪراچي ڊويزن جي صدر طور کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، هن کي پارٽي جي بنيادي رڪنيت ۽ عهدي تان هٽائي ڇڏيو، ان کان پوءِ سپريم توهين عدالت جي قانون تحت پوليس کي حڪم ڪيو ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ هن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، هڪ شخص توهين عدالت ڪئي، ان خلاف ڀلي قانوني ڪاروائي ٿيڻ گهرجي پر هڪ شخص جي غلط تقرير کي غلط کي بنياد بڻائي پوري پيپلزپارٽي کي تنگ ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته مان 13 آگسٽ تي پيش نه ٿيندس، عمران خان چيو آهي ته اسان وفاقي ادارن کي سنڌ ۾ استعمال ڪنداسين هي ان جي ڪڙي آهي، ادارن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ڊي جي ايف آئي سٺو آفيسر آهي پر هي غلط ٿي رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *