سياست جا گلو بٽ ڪهڙي منهن سان ليڪچر ڏئي رهيا آهن، قانون کان ڪو مٿڀرو ناهي، رڙيون ته ٻڌڻ ۾ اينديون: فردوس عاشق

 

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قانون کي پنهنجي ماتحت ڪندڙن کي پهريون ڀيرو آزاد قانون کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، رڙيون ته ٻڌڻ ۾ اينديون، ن ليگي قيادت فسطائي ذهنيت جي ڳالهه ڪري ته ماڊل ٽائون ۾ معصوم ماڻهن تي وسندڙ گوليون ياد اينديون آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ن ليگي قيادت فسطائي ذهنيت جي ڳالهه ڪري ته مون کي ماڊل ٽائون ۾ معصوم ماڻهن تي وسندڙ  گوليون ياد اينديون آهن، عورتن ۽ ضعيفن تي وحشياڻي تشدد فسطائي رويو هو، سياست جا گلو بٽ ڪهڙي منهن سان ليڪچر ڏئي رهيا آهن.  هن چيو ته نئون پاڪستان آئين ۽ قانون جي حڪمراني جو نالو آهي، قانون پنهنجي ماتحت ڪندڙن کي پهريون ڀيرو آزاد قانون کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، قانون کان ڪو مٿڀرو ناهي، رڙيون ته ضرور ٻڌڻ ۾ اينديون.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *