نواز شريف جي دماغ کي رت پهچائيندڙ شريان 88 سيڪڙو بند آهي، ڊاڪٽرن موجب سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا: مريم اورنگزيب

لاهور /اسلام آباد (اين اين آءِ/ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊاڪٽرن نواز شريف جو علاج آمريڪا مان ڪرائڻ جي صلاح ڏني آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صحت بابت بيان ڏيندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته نواز شريف جي دماغ کي رت پهچائيندڙ شريان 88 سيڪڙو بند آهي، ڊاڪٽرن موجب ڪيترين ئي طبي ڏکيائين جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن نواز شريف کي علاج لاءِ آمريڪا جي ماهرن سان رابطو ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، پي اي ٽي اسڪين جي روشني ۾ نواز شريف جي بائيوپسي ڪئي ويندي، پليٽيليٽس جي معاملي ۾ به بهتري پيدا ناهي ٿي، جنهن سبب اڳوڻي وزيراعظم کي اسٽيرائڊز جو هاءِ ڊوز ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. ن ليگ ترجمان موجب اسٽيرائڊز ۽ پليٽيليٽس جي دوائن سبب نواز شريف جي شگر تمام وڌيل آهي، ڊاڪٽر شگر ۽ جي پليٽيليٽس جي توازن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب توهان پنهنجي خطاب ۾ ڇا چيو عوام کي لفظ به سمجهه ۾ نه آيو، توهان جي طبيعت ٺيڪ هئي، سڄو خطاب ٿيندو آهي، جنون آهي، دماغ آهي، دل آهي، هي آهي، هو آهي، هي هو، اهو هو، اهو هو، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران صاحب توهان جو نيان پاڪستان اڄ جي خطاب تائين خيالي آهي، توهان بلڪل صحيح چيو توهان جي ڀيٽ ٻين حڪومتن سان ڪئي ويندي ته 15 مهينن ۾ ترقي جي شرح اڌ ۽ مهانگائي ٽيڻ تي ڪري ڇڏي، ڀيٽ ڪئي ويندي ته 15 مهينن ۾ تاريخ 14 هزار ارب قرض ورتو، نواز شريف جي سي پيڪ، 11 هزار ميگاواٽ بجلي، 11 هزار ڪلوميٽر موٽر وي، آنا، پاڏا ۽ ڪڪڙين سان، شهباز شريف جي لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، ملتان ميٽرو ۽ اورنيج ٽرين جو پشاور ميٽرو جي هڪ ارب جي کڏڻ سان، عمران صاحب ميرٽ جي لتاڙ ته توهان جهڙن نالائقن کي 22 ڪروڙ عوام تي مڙهي ٿي وئي، توهان جي ميرٽ، بي آرٽي جي هڪ کرب جي کڏن جي ڪرپشن جي جاچ کي روڪڻ آهي، توهان جو ميرٽ ڪي پي ڪي ۾ احتساب ڪميشن ۽ اينٽي ڪرپشن کي تالو لڳائڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *