سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ڇڪتاڻ واريون خبرون بي بنياد آهن، :وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

ڪراچي(ار)سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ڇڪتاڻ وارين خبرين کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته هنن جي وفاق، فوج ۽ رينجرز سان سٺي ورڪنگ رليشن شپ آهي. سي ايم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ڇڪتاڻ واريون خبرون بي بنياد آهن. سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي وفاق، فوج ۽ رينجرز سان سٺي ورڪنگ رليشن شپ آهي. هن چيو ته پاڪ فوج، آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي قيادت ۾ دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. سيد قائم علي شاهه چيو ته هـُو سنڌ خاص طور ڪراچي ۾ امن امان لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري ۽ ڀنگ لاءِ اغوا خلاف رينجرز جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *