بجلي بحران تي ضابطي لاءِ مارڪيٽون 8 وڳي بند ڪرڻ بابت صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو: عابد شير علي

اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ دڪان رات جو 8 وڳي ۽ هوٽلون 10 وڳي بند ڪرڻ جي لاءِ چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي اعتماد ۾ وٺي فيصلو ڪيو ويندو. هن وقت ٻهراڙي ۾ 8 ۽ شهري علائقن ۾ 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي عابد شير علي چيو ته سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ 5 گرڊ اسٽيشنون آهن ۽ 21 فيڊرز آهن، 16 فيڊرن ۾ 50 کان 80 سيڪڙو نقصان آهي، 2 فيڊر صنعتي شعبي لاءِ مخصوص آهن جتي 32 هزار 204 صارفين آهن، 6 جولاءِ تي ٽاور ڪرڻ سان بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرڻي پئي، هن چيو ته 3 مئي تي دادو ۾ هڪ مسافر بس تي بجلي جي ٽرانسميشن لائين ڪرڻ سان 15 ڄڻا فوت ٿي ويا، بس تي ڏاج جو سامان سٿيل هو، هن چيو ته فوت ٿيندڙن جي پوئينرن کي 3، 3 لک روپيا ۽ زخمين کي 50 هزار روپيا معاوضو ادا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هاڻي حڪومت سمورن ٽرانسميشن لائينن جي سروي ڪرائي رهي آهي ۽ ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته جڏهن به ڪنهن به علائقي ۾ اهڙو واقعو نه ٿئي، هن چيو ته دادو حادثي جي وقت ڊرائيور ٽيليفون تي ڳالهائي رهيو هو، ان غفلت جي ڪري حادثو پيش آيو. هن چيو ته موجوده حڪومت اقتدار ۾ آئي ته 5 سئو ارب روپين جو گردشي قرض هو جنهن کي ختم ڪيو ويو، هن چيو ته شهري علائقن ۾ 6 ۽ ٻهراڙي ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته نيلم جهلم جي شروعاتي لاڳت 82 ارب روپيا هئي جيڪا هاڻي 425 ارب روپيا تائين پهچي وئي آهي، هن چيو ته وزيراعظم وڏن وزيرن جي مشاورت سان دڪان 8 وڳي ۽ هوٽلون 10 وڳي بند ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، هي صوبائي معاملو آهي ان لاءِ صوبن جي مشاورت سان رمضان کانپوءِ اتفاق راءِ سان لائحه عمل جوڙيو ويندو. اي پي پي/ش – چ/ر – م 19:02

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *