نيب کي پٽڪا لاهڻ جوا ختيار نه ٿو ڏئي سگجهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو)سڌسماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته نيب پڳ لاهيندڙ ادارو بڻجي ويو آهي، آمريت جي دور ۾ ان کي سيا سي مخالفن خلاف استعمال ڪيو ويو، نيب 15 سالن ۾ هڪ به ڪيس شروع نه ڪري سگهيو، بي بنياد الزامن تي نيب جو به ا حتساب ٿيڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نما ئندن سان ڳالهائيندي پرويز رشيد نيب جي الزامن تي چيو ته نيب 99ع ۾ جيڪي الزام لڳايا،انهن بابت 15 سالن ۾ ڪنهن ڪيس جي ڪارروائي به شروع نه ڪري سگهي، بي بنياد الزامن تي نيب جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته آمريت جي د ور ۾ نيب کي سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪيو ويو، نيب بدعنوان ماڻهن کي سزائون ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو، اصولي موقف اختيار ڪندڙ سياستدانن خلاف بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام لڳايا ويا، پرويز رشيد چيو ته ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي جي ٽيون دفعو چونڊيل قيادت خلاف ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن، هن چيو ته اسان جڏهن حڪومت سنڀالي ته معيشت بابت د نيا جي راءِ ناڪاري هئي، معاشي حالت خراب هئي، اسحاق ڊار اقتصادي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪيو، نيب اسحاق ڊار خلاف به الزام لڳايو، هن وڌيڪ چيو ته نيب پڳ لاهيندڙ ادارو بڻجي ويو آهي، جنهن جو مثال نيب سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ ڏ نو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 15، 15، 16، 16 سالن تائين پنهنجا الزام ثابت نه ڪري سگهڻ تي نيب کي ڪهڙي سزا ملڻ گهرجي، هن چيو ته نيب وٽ جيڪڏهن ڪنهن خلاف ثبوت موجود آهن ته ڪيس ڪري ته جيئن ماڻهو انصاف لاءِ عد الت وڃي سگهن ۽ ثبوت ڏئي پنهنجي بي گناهي پيش ڪري سگهن، ائين ڪنهن جي ڪردار ڪشي نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته نيب جي قيام جو مقصد حڪومتي سطح تي بدعنواني کي ختم ڪرڻ آهي، جڏ هن ته بي بنياد الزامن تي نيب جو به ا حتساب ٿيڻ گهرجي ان کي به سزا ملڻ گهرجي، پرويز رشيد چيو ته پارليامينٽ ۾ قانون ٺهڻ گهرجي ته نيب وارا ڪنهن تي ڪيس ٺاهيندا ۽ جيڪڏهن الزام صحيح ثابت نه ٿيند ا ته توهان کي به سزاملند ي، پرويز رشيد چيو ته نيب جيڪو روڊ ٺاهڻ جو الزام لڳايو آهي ان تي هائوسنگ، ا سپتال ۽ يونيورسٽي آهي، اصولن تي عمل ڪندڙ سياستد انن جي ڪردارڪشي ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *