سنڌ ڪابينا شاگرد يونين جي بحالي جو بل منظور ڪري ورتو، ڪميٽي حوالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ ڪابينا شاگرد يونين جي بحالي جو بل سنڌ اسٽوڊنٽ يونين بل 2019 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي اسٽوڊنٽ يونين ڪنهن به تعليمي اداري، تعليمي تربيتي اداري چاهي اهو پبلڪ يا پرائيوٽ هجي بڻائي سگهي ٿو. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلا. اهڙين ڳالهين جو اظهار اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن بابت سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري، صوبائي وزير، صوبائي صلاحڪار، ۽ تمام لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ گذريل نڪتن جي منظوري، 2019.20 لاءِ ڪمند جا اگهه مقرر ڪرڻ، کنڊ برآمد ڪرڻ لاءِ 10.7 رپيا في ڪلو گرام سپورٽ فريٽ ڏيڻ تي غور، ٿر بلاڪ ون ۾ بجلي ۽ مائننگ جي ڪم لاءِ چائنا جي ڪمپني کي ليز ڏيڻ، ورڪس پرافيٽ پارٽيسپيٽ فنڊ ۽ ورڪس ويلفيئر فنڊ جي ڪجهه منصوبن لاءِ ٿر پاور ڪمپني لميٽيد کي ڇوٽ ڏيڻ تي غور عائشه گيس فيلڊ کان گولارچي تائين وفاقي حڪومت پاران گيس لائڻ وڇائڻ لاءِ اين او سي کي جاري ڪرڻ، ڪمپيوٽر آپريٽر، ڊيٽا انٽري آپريٽر ۽ ڊيٽا پروسيسنگ آفيسرن جي اپ گريڊيشن، اسٽوڊنٽ يونين بل تي خيالن جي ڏي وٺ موٽروهيڪل آرڊينينس ۾ ترميم، سنڌ مينٽل هيلٿ جي رولز تي غورسنڌ ڪابينا جي فنانس سب ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ۽ ڪابينا جي مختلف رپورٽون پيش ڪيون ويون. سعيد غني ٻڌايو ته اجلاس ۾ شاگرد يونين جي بحالي وارو بل 2019 منظور ڪندي طئي ڪيو ويو ته اسٽوڊنٽ يونين کي تعليمي سرگرميون روڪڻ يا اسٽوڊنٽ گروپ ۾ نفرت وڌائڻ قانون جي خلاف هوندو اسٽوڊنٽ يونين لاءِ اسحلو رکڻ اسحلي جو استعمال ڪرڻ يا تعليمي ادارن ۾ آڻڻ قانون جي خلاف هوندو. اسٽودنٽ يونين جو ڪم تعليم جو ماحول بهتر ڪرڻ، نظم و ظبط پيدا ڪرڻ، غير نصابي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻو هوندو، اسٽوڊنٽ يونين 7 کان 11 ميمبرن تي مشتمل هوندي اها يونين شاگرد چونڊ ڪندا اسٽوڊنٽ يونين جو ڪم سوشل ۽ اڪيڊمڪ ويلفيئر کي بهتر ڪرڻ هوندو هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪمند جا اگهه مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي زراعت واري وزير ۽ زراعت واري سيڪريٽري صوبائي ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پنجاب حڪومت ڪمند جي قيمت 190 رپيا في 40 ڪلو گرام مقرر ڪئي آهي ۽ کنڊ جي قيمت به 66 رپيا في ڪلو گرام ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ سنڌ ڪابينا ڪمند جي قيمت گهٽ کان گهٽ 192 رپيا في 40 ڪلو گرام مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت 26 ملون ڪريش ڪري رهيون آهن سنڌ حڪومت ڪريشنگ جي تاريخ 30 نومبر مقرر ڪري ڇڏي جڏهن ته 50 پئسو في 40 ڪلو گرام پريميم جي به منظوري ڏني وئي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان شگر ملز ايسوسي ايشن ( پي ايس ايم اي ) 2016.17 ۾ وفاقي سرڪار کي درخواست ڪئي هئي ته ان کي سرپلس کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ( پي ايس ايم اي )  به درخواست ڪئي هئي ته انهن کي 20 رپيا في ڪلو گرام ڪيش فريٽ سپورٽ ڏني وڃي ڇو ته عالمي منڊي ۾ کنڊ جي قيمت گهٽ آهي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 50.50 شيئر جي بنياد تي 10.7 في ڪلو گرام سبسڊي جي منظوري ڏني هئي جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت پنهنجي شيئر جي 3.393 بلين رپيا رليز ڪرڻ جي مشروط منظوري ڏني آهي فنڊ اسٽيٽ بينڪ کي ڏنا ويا آهن جيڪا پهريون کان ئي ادائيگي ڪري چڪي آهي ڪابينا اهو فيصلو به ڪيو ته ان کان پهريون ڪابينا اجلاس جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي ان وقت اهو معاملو نيب جي انڪوائري ۾ آهي اسٽيٽ بينڪ کي ان لاءِ فنڊ رليز ناهيون ڪري سگهيا ڇو ته انڪوائري جاري آهي نيب کي ڪليئرنس لاءِ لکنداسين اگر نيب ڪليئر ڪري ٿو ته رقم اسٽيٽ بينڪ کي جاري ڪئي ويندي سعيد غني ٻڌايو ته ٿرڪول فيلڊ بلاڪ ون ۾ ڪول مائننگ جي ترقي لاءِ سنو سنڌ ريسورس لميٽيڊ جي عملدرآمد معاهدي ۽ ليز معاهدي ۾ ڪجهه معمولي ترميم آهي ان ترميم جي روشني ۾ جيڪي سهولتون ٿر بلاڪ ٽو ۾ ڏنيون ويون آهن اهي بلاڪ ون کي به حاصل هونديون اجلاس ۾ توانائي واري کاتي ورڪرز پرافٽ پارٽيشپيشن فنڊ ( ڊبليو پي پي ايف) ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ( ڊبليو ڊبليو ايف ) کي ڇوٽ جي حوالي سان توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو ته 30 سالن لاءِ ٿرڪول فيلڊ جيڪا اسپيشل اڪنامڪ زون آهي کي ڊبليو پي پي ايف کان ڇوٽ ڏني وڃي اهو ڇوٽ جو معاملو فنانس ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ فنانس ڪميٽي جيڪو فيصلو ڪندي اهو ئي ڪابينا جو فيصلو هوندو سنڌ ڪابينا توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ کي ٿر پاور ڪمپني جو ڊائريڪٽر/ چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي سعيد غني وڌيڪ ٻڌايو ته اجلاس ۾ ايس ايس جي سي ايل کي عائشه گيس فيلڊ کان ايم وي اي گولارچي ۾ گيس پائپ لائن وڇائڻ جي اجازت تي غور ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته اها زمين ٻيلي کاتي سنڌ جي ملڪيت آهي، 40 فٽ ڪشادا ۽ 8 ڪلو ميٽر ڊگهي اها زمين ايس ايس جي سي ايل کي کپي جنهن تي سنڌ ڪابينا ٻيلي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو قانون جي مطابق طريقو طئي ڪري اجلاس ۾ موٽر وهيڪل آرڊينينس 1965 ۾ ترميم تي غور ڪندي ٻڌايو ويو ته موٽر وهيڪل آرڊينينس 1965 ۾ ترميم جو مقصد سي اين جي فٽنس کي بهتر ڪرڻ آهي جنهن تي ڪابينا جي ميمبرن چيو ته وزير ٽرانسپورٽ ۽ قانون ان ترميم جو جائزو وٺي ڪري ان کي ٻيهر ڪابينا ۾ پيش ڪن اجلاس ۾ سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي جي رولز ۾ ترميم جي حوالي سان چيو ويو ته ترميم جي تحت ڪجهه لفظن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي جنهن کي صحت وارو وزير وڌيڪ بهتر ڪري ٻيهر پيش ڪندو. ڪابينا جلاس ۾ سنڌ جيل اصلاحات خدمتن جو بل 2019 به منظور ڪيو ويو آهي قانون موجب بزرگ قيدين جي جلد رهائي جي ڪوشش ڪئي ويندي. جڏهن ته بزرگ مرد قيدين جي عمر جي حد 65 سال ۽ عورت قيدين جي عمر جي حد 60 سال رکي وئي آهي. ڪابينا ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جن قيدين کي سزئاون ٿي ويون آهن انهن کي سول سوسائٽي جا حق حاصل هوندا. سعيد غني ٻڌايو ته ڪابينا ميمبرن کي بريفنگ ڏني وئي ته بحريا ٽائون کان سنڌ جي زمين جي عيوض جيڪي چاو سئو سٺ ارب روپين جو معاهدو ٿيو هو جنهن تي سنڌ ڪابينا ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ کي هدايت ڏني ته هو سپريم ڪورٽ ۾ درخواست دائر ڪري ته اهي پئسا سنڌ حڪومت کي ڏنا وڃن ۽ اهي پئسا سنڌ حڪومت واٽر سيڪٽر ۾ استعمال ڪندي. ڪابينا جي اجلاس ۾ ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي والده لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي وئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *