جيڪو ڪندو اهو ڀريندو، مالم جبه ۽ بي آر ٽي تي ايڪشن تيار آهي: نيب چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو جي جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) پشاور ۽ مالم جبا جا ريفرنسز تيار آهن پر منع نامي جي ڪري ڪارروائي نٿا ڪري سگهون. اسلام آباد ۾ بدعنواني جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته بدعنواني هڪ عالمگير مسئلو آهي، اِهو رڳو نيب جو ڪم ناهي جو هو بدعنواني جو خاتمو ڪري پر پر هر پاڪستاني جي فرضن ۾ شامل آهي. نيب چيئرمين چيو ته سسٽم جا بنياد ان ڪري مضبوط ناهن ڇو ته هر پاسي خود غرضي هئي، پنهنجا مفاد هئا زر ۽ اقتدار جي هوس هئي ان ڪري ملڪ ۾ اهڙا اهڙا تجربا ڪيا ويا جڏهن ماڻهو اکيون بند ڪري سوچيندو آهي ته اسان جي فهم ۽ فراست ڪٿي ويندي آهي ۽ اسان ڪهڙن رستن تي هليا ويندا. سندس چوڻ هو ته جڏهن حضرت ابو بڪر صديق خلافت سنڀالي ته پهريون ڪم  جي مشاورت کان پوءِ عمل ۾ آندو ويو هو اُهو اِهو هو ته هو پنهنجا ذاتي واپار نه ڪندا پر هتي ذاتي واپار تڏهن شروع ڪيو ويندو آهي جڏهن مضبوط اقتدار هجي ها يا اقتدار جي راهدارين ۾ هجن ها. جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته خود احتسابي پهريون عمل آهي جنهن تي اسان کي عمل ڪرڻ گهرجي. نيب چيئرمين چيو ته پارليامينٽ قانون سازي ڪندو ته قانون جي حڪمراني جو تصور ايندو، قانون جي حڪمراني اِها ناهي ته پهرين توهان اسٽيٽس ڏٺو، پوءِ منهن ڏٺو، مرتبو پهچ ۽ اثر رسوخ ڏٺو پوءِ چيو ته اسان ايڪشن ناهيون وٺندا پر ٻئي پاسي ٿي نڪري ويندا آهيون. جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته قانون سازي ۾ پارليامينٽ کي فعال ڪردار ادا ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته 2017ع کان پوءِ ڪو به اثر رسوخ، لالچ يا ڪا ڌمڪي اهڙي ناهي جيڪا رستي ۾ رنڊڪ بڻجي. هن چيو ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهڙا ماڻهو به سامهون آهن جو ڪنهن جي اِها جرعت نه هوندي هئي جو انهن کان پڇيو وڃي ته توهان ڇا ڪيو آهي ان جو  ڪريڊٽ نيب ڏانهن وڃي ٿو جو اُهي ماڻهو جن وڏن ڇڪا هنيا اڄ اُهي جيل ۾ آهن، ضمانتن جي لاءِ ڪوشان آهن يا وري روانا ٿي چڪا آهن. نيب چيئرمين چيو ته حڪومت ڏانهن رڳو ايترو ڪريڊٽ ضرور وڃي ٿو ته ان ڪڏهن نيب ۾ يا ان جي معاملن دخل اندازي ناهي ڪئي. هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن وزيرن جا بيان ايندا رهندا آهن پر جيستائين هو جذباتي بيان نه ڏيندا انهن جو ووٽ بينڪ ڪيئن محفوظ رهندو. جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته وزيرن کان گذارش ڪندس ته هو جيترا به قابل ۽ تجربيڪار آهن پر هو اڳڪٿين کان پاسو ڪن جيئن اڳڪٿي ڪئي ويندي آهي ته 2 هفتن ۾ فلاڻو شخص گرفتار ٿي ويندو ۽ هو اتفاق سان گرفتار ٿي وڃي ته هو وڏي برداشت وارو ثابت ٿيو جڏهن ته حقيقتون توهان جي سامهون آهن. هن چيو ته هميشه اِهو چيو ويندو آهي ته نيب جو رخ ته هڪ پاسي آهي گذريل ڀيري مون کي مجبور ٿي چوڻو پيو ته هوائن جو رخ تبديل ٿيڻ لڳو آهي ۽ اِهو ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ توهان محسوس ڪندا. نيب چيئرمين چيو ته هڪ پاسي 30 کان 35 سالن جو دور ٻئي پاسي 12 کان 14 مهينن جو دور آهي ٿورو فرق ته ڪرڻو پوندو پر آئون خاطري ٿو ڪرايان ته پاڪستان ۾ ڪو به شخص، ڪو عهديدار ڀلي ارباب اختيار مان هجي يا مخالف ڌر مان نه ڪنهن سان دوستي آهي نه ڪنهن سان دشمني آهي، ڳالهه معمولي آهي ته جيڪو ڪندو اُهو ڀريندو. جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب تي الزام آهي ته بي آر ٽي پشاور 17 ارب کان شروع ٿي هئي 117 ارب تائين پهچي ويا آهن نيب ايڪشن ڇو نٿو وٺي رڳو ان ڪري ڪارروائي نٿي ڪري ڇو ته ڪجهه عدالتن جا منع ناما آهن. نيب چيئرمين بي چيو ته آر ٽي پشاور ۽ مالم جبا ريفرنسز تيار آهن منع نامي جي ڪري ڪارروائي نه پيا ڪري سگهون ۽ جڏهن هو ختم ٿي وينديون تڏهن ريفرنس داخل ڪرڻ جو وارو ايندو. نيب چيئرمين چيو ته چيو ويندو آهي ته نيب ڇا ڇا ڪيو آهي؟ نيب جڏهن کان وجود ۾ آيو تڏهن کان وٺي هن وقت تائين 3 سئو 82 ارب جي ريڪوري آهي جيڪا سرڪاري ناڻي ۾ جمع ٿي. هن وڌيڪ چيو ته 2017ع کان پوءِ نيب ۾ ٿوري تبديلي ٿي ۽ مداخلت جو خاتوم ٿيو جنهن جو خاتمو ڪيو ويو هو، 2017ع کان هن وقت تائين 1 سئو 53 ارب جي ريڪوري ٿي جنهن ۾ سڌي سنئين ۽ بالواسطه ريڪوري ٿي اُها به سرڪاري ناڻي ۾ جمع ڪرائي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *