نوجوان پاڻ ڪرپٽ ماڻهن جي پويان پئجي وڃن ته نئون پاڪستان ٺهي ويندو: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان پنجاب ۾ ڪرپشن جي خلاف ڪارڪردگي کي متاثر ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير کي چيو آهي هو پنهنجي قدمن جي مشهوري ڪري.  وزير اعظم عمران خان اسلام آباد ۾ اينٽي ڪرپشڻ ايپ جو افتتاح ڪيو ۽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ايپ لانچ ڪري مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ڇو ته پاڪستان کي ماڊرن سوسائٽي بڻائڻ ۾ هڪ وڏو قدم آهي. سندس چوڻ هو ته اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ پيسا هٿ ڪيا اِهي انتهائي متاثر ڪندڙ آهن ۽ آ؟ون وڏي وزير کي درخواست ڪندس ته توهان ان جي مشهوري ڪيو جيئن ماڻهن کي خبر پئي ته اينٽي ڪرپشن جي قدمن سان عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيو آهي؟ وزير اعظم چيو ته لڳ ڀڳ 130 ارب رپين جي عوام جي زمين واپس آندي ۽ 5 ارب رپيا ڪيش هٿ ڪيا هي سڀ عوام تي خرچ ٿيندا پر پاڪستان ۾ ڏکيائي اِها آهي ته عوام کي سمجهه ئي ناهي ته ڪرپشن ۽ انهن جي زندگي جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي. هن چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪرپشن ٿي ته حڪومت جو پيسو هليو ويو ان سان اسان کي ڪهڙو فرق پوندو ۽ مون ڏٺو ته ڪيترائي ڪرپٽ ماڻهن تي گل ورسائيندا آهن ۽ انهن کي زندهه باد به چئون ٿا پر اِهو سڀ ائين آهي ڄڻ ڪير توهان جو گهر لٽي ڦري ويو ۽ توهان انهن تي گلن جو پتيون اڇلايون. عمران خان چيو ته ماڻهن کي اِهو سمجهه ۾ ناهي ايندو ته جڏهن هڪ ملڪ جو پيسو چوري ٿيندو آهي ته اصل ۾ اُهو سڄي قوم جو نقصان هوندو آهي ۽ ان جو تعلق ان وقت واضح ٿيندو جڏهن توهان پنهنجي ڪارڪردگي ماڻهن کي باقاعده ٻڌائيندا.  پنجاب جي وڏي وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جيڪا ايپ ٺاهي ان تي توهان جي هر ميهني جيڪا ڪارڪردگي هجي ان کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو پر اشتهار ڏيو ۽ ٻڌايو ته عوام کي ڪيترو فائدو ٿيو. هن چيو ته اڄ دنيا کي ڏسو اڄ جيڪا سڀ کان تيز معيشت اڳتي وڌي رهي آهي اُها چين جي آهي، هن جي صدر شي جن پنگ جي مقبوليت جو وڏو راز اِهو ئي آهي ته گذريل 6 کان 7 سالن ۾ 400 کان وڌيڪ وزير جي سطح جي ماڻهن کي ڪرپشن تي جيل موڪليو آهي، مطلب ته هن سڀ کان وڏو احتساب ڪيو جنهن جي ڪري هو چين ۾ مقبول آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ بيروت ۾ عوام حڪمرانن جي ڪرپشن جي خلاف روڊن تي آهي، اهڙي طرح چلي ۽  عراق ۾ عوام روڊن تي نڪتو آهي ڇو ته هي نئون زمانو آهي، سوشل ميڊيا ۽ موبائل فون جو زمانو آهي جنهن سان ماڻهن کي خبر پئجي رهي آهي.  هن چيو ته دنيا ۾ ماڻهن کي احساس ٿي ويو ته ڪرپشن ٿيندي ته اسان جو ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، دنيا ۾ جيڪي ڪرپٽ قومون آهن اُهي سڀ غريب آهن. وزير اعظم چيو ته جيڪي غريب ترين قومون آهن انهن وٽ سڀ کان وڌيڪ وسيلا آهن، ڪانگو ۾ ڪي هيرا ۽ سون ناهي پر هو غريب ترين ملڪ آهي، نائيجيريا تيل تي ويٺو آهي پر غربت اسان کان به وڌيڪ آهي ۽ سوئٽزرلينڊ کي ڏسي وسيلا ناهن ۽ دنيا جو امير ترين ملڪ آهي. ڪرپشن کي غربت جو بنيادي سبب قرار ڏيندي هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي خوشحالي ڏسڻي آهي ته جنهن قوم ۾ ڪرپشن ناهي شفاف آهي اُها مٿي آهي جڏهن ته جيڪا قوم وسيلن جي باوجود ڪرپشن تي آهي اُها هيٺ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪي ماڻهو حڪومت ۾ اچي ڪرپشڻ ڪندا آهن انهن کي ڊپ هوندو آهي ته پيسو بينڪ ۾ رکنداسين ته سڀني کي خبر پئجي ويندي اُهو پيسو ٽي ٽي وغيره جي ذريعي ملڪ کان ٻاهر موڪليو ويندو آهي، ملڪ ۾ رهندو ته نظر اچي ويندو اهڙي ٻيڻو نقصان ڪندا آهن. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته جڏهن هنن کي پيسو ٻاهر موڪلڻو هوندو آهي ته انهن کي ڊالر خريدڻا پوندا آهن، جڏهن خريد ڪندا آهن ۽ مني لانڊرنگ ڪندا آهن ته ان سان رپئي تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي، جڏهن رپيو ڪرندو آهي ته قوم جي دولت به گهٽ ٿي ويندي آهي. وزير اعظم عمران خان چيو ته ملتان ميٽرو آهي، ملتان جا ماڻهو چون ٿا ته اسان کي ميٽرو نه گهرجي، هنن کي ميٽرو هرو ڀرو ڏني وئي جيڪا خالي هلي رهي آهي ۽ اربين رپين جو نقصان ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *