سنڌ پوليس جي انسپيڪٽرز سميت 51 اهلڪار ڪرونا وائرس جو شڪار

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ پوليس ۾ 6 انسپڪيٽرز سميت 51 اهلڪارن ۾ ڪرونا جو انڪشاف ٿيو آهي، دستاويز موجب 6 انسپيڪٽرز سميت 51 اهلڪارن کي ڪرونا وائرس جون ٽيسٽون پازيٽو آهن، انهن مان هڪ انسپيڪٽر ٺيڪ ٿي ويو آهي ۽ کيس اسپتال مان گهر روانو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين کي آئيسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو اهي، ذريعن موجب ڪراچي جي علائقي قائدآباد ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ احساس پروگرام جي رقم ورهائڻ جي سلسلي ۾ فرض ادا ڪندڙ ايس آءِ ۽ اي ايس آءِ سميت ٻين جون ٽيسٽون پازيٽون آيون، پوليس عهديدار ٻڌايو ته اڃا تائين صوبي جي ٻين شهرن ۾ ڪو به اهلڪار وائرس جو شڪار ناهي ٿيو، ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل ڪراچي غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته وائرس متاثر اهلڪار خطرناڪ ڊيوٽي تي نه هئا، انهن مان هڪ جاچ برانچ ۾ مقرر هو، هڪ ٻيو اسٽاف آفيسر جي حيثيت سان ڊيوٽي ڪري رهيو هو، هن ٻڌايو ته وائرس متاثر ڪجهه ڪانسٽيبل پوليس 15 سروس ۾ ڪم ڪن ٿا، ڪجهه اهلڪار سينيئر آفيسرن جا گن مين آهن، پوليس ترجمان ٻڌايو ته ڊي آءِ جي سائوٿ شرجيل کرل ايس ايس پي ڏکڻ جاچ امير سعود منگسي سان گڏ صحتياب ٿيندڙ انسپيڪٽر جي گهر جو دورو ڪيو، ڊي آءِ جي صحتياب ٿيڻ تي انسپيڪٽر کي گلدستو ۽ مٺائي پيش ڪندي مڪمل صحتياب ٿيڻ تائين سهڪار جي خاطري ڪرائي، غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن اسڪريننگ ۽ ٽيسٽ تي پوليس آفيسرن کي ساراهيو، پوليس ذريعن مجب غلام نبي ميمڻ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسڪاٽس آڊيوٽيريم ۾ شهر جي 540 پوليس آفيشلز جون ٽيسٽون ڪيون ويون، ڊسٽرڪٽ پوليس ۽ ڪراچي پوليس جي عهديدارن جون ٽيسٽون اڳئي مرحلي ۾ ڪيون وينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *