فائلرز کي 3 ۽ نان فائلرز کي 5 سيڪڙو وياج تي قرض ملندو: اسٽيٽ بينڪ نوڪرين ۾ ڪٽوتي نه ڪندڙن لاءِ رعايتي پيڪيج تيار ڪري ورتو

ڪراچي (اين اين آءِ) اسٽيٽ بينڪ نوڪرين ۾ ڪٽوتي نه ڪندڙ صنعتن لاءِ پيڪيج تيار ڪري ورتو آهي جنهن موجب فائلر رڳور 3 سيڪڙو وياج جي شرح قرض وٺي سگهندا، پگهارن جي مد ۾ هر شعبي کي 50 ڪروڙ رپين تائين رعايتي قرض فراهم ڪيو ويندو، دستاويز موجب مسودي ۾ پگهارن جي مد ۾ هر شعبي کي 50 ڪروڙ رپين تائين رعايتي قرض ڏيڻ جي تجويز شامل آهي، فائلرز کي 3 ۽ نان فائلرز کي 5 سيڪڙو وياج جي شرح تي قرض ملندو، اسڪيم تحت هر شعبي کي پگهارن جي مد ۾ 50 ڪروڙ رپين تائين رعايتي قرض ملي سگهندو، جڏهن ته ننڍن ڪاروبار لاءِ گارنٽي کانسواءِ 50 لک تائين قرض ملي سگهندو، سمورن شعبن کي قرض واپس ڪرڻ ۾ 6 مهينا مهلت هوندي ۽ 3 ماهي بنيادن تي قرض واپس ڪرڻ لاءِ قسطون ادا ڪرڻيون پونديون، اسڪيم تحتم آفيسون، اسڪول، ڪارخانا هر شعبو اسڪيم مان فائدو وٺي سگهندو، اقتصادي رابطه ڪميٽي اسٽيٽ بينڪ جي اسڪيم جي منظوري ڏيندي جنهن کانپوءِ اسٽيٽ بينڪ پيڪيج تي عمل ڪندي، اسڪيم کان قرض وٺڻ جي آخري تاريخ 30 جون 2020 آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *