لاڪ ڊائون سان فرق نٿو پوي، ڪينسر دوران به ساڳي صورتحال هئي: سونالي

ڪراچي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سونالي باندري 2018ع ۾ انڪشآف ڪيو هو ته کيس خطرناڪ ڪينسر جو مرض لاحق آهي جنهن کانپوءِ علاج ڪرائڻ هو آمريڪا منتقل ٿي وئي. سونالي ڪينسر کان /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ان ئي سال ڊسمبر ۾ ڀارت واپس آئي. اداڪارا ان دوران به پنهنجي بيماري سبب گهر تائين محدود هئي ۽ هاڻي ڪورونا وائرس سبب لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون سبب هو پنهنجي گهر ۾ آهي. ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ لڳل لاڪ ڊائون سبب ماڻهو بي حد متاثر نظر اچي رهيا آهن جڏهن ته کيس ان سان ڪو فرق نٿو پوي ٿو ڇو ته پنهنجي بيماري دوران به هو گهر ۾ ئي سمورو وقت گذاريندي هئي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب سونالي باندري جو چوڻ هو ته کيس هن لاڪ ڊائون سان ڪو فرق نٿو پوي جڏهن ته کيس ان دوران پنهنجي گهرڀاتين ۽ دوستن جي ياد اچي ٿي جيڪي ڪورونا کان اڳ گهر ايندا هئا. سونالي باندري موجب منهنجي طبيعت اڳ کان بهتر آهي. لاڪ ڊائون سان مون کي ڪو فرق نٿو پوي پنهنجي بيماري دوران به آئيسوليشن ۾ ئي هيس. ڪورونا وائرس سبب پنهنجو وڌيڪ خيال رکڻو پوي ٿو ڇو ته ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ کانپوءِ قوت مدافعت ڪافي متاثر ٿي. روزانو ميوا ۽ ڀاڄيون استعمال ڪري رهي آهيان جيئن صحتمند رهي سگهان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *