ڪراچي : ناراض ايم اين اي رميش ڪمار جي گهر ٻاهران ڌرڻو، 4 ڪارڪن گرفتار

ڪراچي (م.ڊ) پي ٽي آئي ايم پي ايز جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پاران ناراض ايم اين اي رميش ڪمار جي گهر ٻاهران ڌرڻو هنيو ويو ته سائوٿ پوليس ايڪشن ۾ اچي وئي، پوليس پي ٽي آئي جي ٻن ايم پي ايز شاهنواز جدون ۽ سعيد الله آفريدي سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪري ورتو جنهن بعد پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي 4 ڪارڪنن کي گرفتار به ڪري ورتو، ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف ڪلفٽن ٿاڻي آڏو پي ٽي آئي ايم پي ايز جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته لوٽن خلاف احتجاج ڪيو ته نوٽن وارن کي ڪاوڙ اچي وئي، پرچي جي پيداوار جماعت پرچين جي سهاري زنده آهي، حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته سنڌ جي عوام جو پيسو ايان علي، ڊيوڊ ۽ ضمير فروشيءَ تي خرچ ڪيو پيو وڃي، ڊائريڪٽ حوالدار عرفان کوسٽ آءِ جي سنڌ وردي لاهي پيپلز پارٽي جو جهنڊو کڻي, بعد ۾ ايس پي ڪلفٽن روحيل کوسو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد پوليس اسٽيشن ٻاهران احتجاج ختم ڪيو ويو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *