سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي سنڌ ۾ ڪارروايون جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هائيڪورٽ نيب قانون بابت سنڌ حڪومت جي نظر ثاني درخواست تي وفاق ۽ نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت نيب کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته نيب سان تعاون ڪري . سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ نيب قانون کي ختم ڪرڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ نيب جواب جمع ڪرايو نيب موقف اختيار ڪيو ته نيب قانون کي ختم ڪرڻ خلاف آئيني ۽ غير قانوني  آهي. سنڌ جو گورنر به انهن قانون جي نشاندهي ڪندي بل کي واپس موڪلي ڇڏيو. نيب جواب ۾ چيو آهي ته نيب کي سڄي ملڪ ۾ ڪرپشن جي خلاف خاص قانون تحت اختيار حاصل آهن. نيب آرڊيننس 1999 سپريمڪورٽ به قانوني قرار ڏئي چڪي آهي. نيب موجب نيب کي سڄي ملڪ ۾ ڪرپٽ ماڻهن جي خلاف ڪاروائي جو اختيار حاصل آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل قانون کي ختم ڪيو وڃي. نيب انڪوائري سان منهن ڏيندڙ 600 کان وڌيڪ بيوروڪريٽ ۽ اسميبلي ميمبرن جي لسٽ پيش ڪري ڇڏي. عدالت سنڌ حڪومت جي نظر ثاني جي درخواست تي وفاق ۽ نيب اختيارن کي نوٽِس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ٻڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته نيب جيڪڏهن ائين صحيح ڪم ڪري 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهون ڪرپشن ۾ ملوث آهن.  خرم شيرزمان چيو ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گھرجي ايم ڪيو ايم پاڪستان توبهه ڪري ڇڏي اها سٺي ڳالهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *