وزيراعظم جي نواز شريف سان ملاقات، قومي نوعيت جي اهم معاملن سميت ملڪ جي گڏيل صورتحال تي ڳالهيون

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ رائيونڊ ۾ملاقات ٿي، ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ ٻيا به موجود هئا، ان موقعي تي قومي نوعيت جي اهم معاملن سميت ملڪ جي گڏيل صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ حڪومت پاران عوام جي مفاد ۾ جاري ترقياتي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،  وزيراعظم مختلف پارٽين جي ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن سان ٿيندڙ ملاقات جي حوالي سان به نواز شريف کي آگاهه ڪيو، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين کي مانجهاندو به ڏنو ويو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خاص جهاز ذريعي پنجاب پهتو ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *