شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار پيش نه ٿيا، نيب پاران رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد/لاهور(م.ڊ) شريف خاندان ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار طلب ڪرڻ باوجود به نيب ۾ پيش نه ٿيا، نيب شريف خاندان کي ان کان اڳ به طلبي جو نوٽيس جاري ڪري چُڪي آهي، پر شريف خاندان نيب سامهون پيش نه ٿو ٿئي، جڏهن ته نواز شريف پنهنجي نااهلي جي فيصلي تي نظر ثاني جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ڇڏي آهي ۽ نيب کي فيصلو نه اچڻ تائين پيش نه ٿيڻ جي فيصلي کان  به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.قومي احتساب بيورو (نيب) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، ان جي پٽ حسن، حسين ۽ نياڻي مريم کي طلب ڪيو آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي به اڄ نيب ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو، نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته شريف فيملي جي پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏينداسين.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار نيب لاهور ۾ پنهنجو تحريري جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، قومي احتساب بيورو (نيب) لاهور ۾ اڄ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي طلب ڪيو ويو هو، جنهن جي لاءِ ان کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو هو، پر اسحاق ڊار نيب سامهون پيش نه ٿيو، ميڊيا موجب اسحاق ڊار نيب لاهور ۾ پنهنجو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ پيش نه ٿيڻ جا ۱۲ ڪارڻ ظاهر ڪيا ويا آهن، اسحاق ڊار پنهنجي جواب ۾ لکيو آهي ته نيب پهريون ئي منهنجي سموري زندگيءَ تي انڪوائري ڪري چُڪي آهي ۽ آخري انڪوائري ۱۵ جولاءِ ۲۰۱٦ تي ثبوت نه هئڻ تي بند ڪئي وئي، جڏهن ته سموري انڪوائري جا ثبوت ۽ دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، هن جواب ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست ڏنل آهي، درخواست جي فصيلي تائين پيش نه ٿيندس.(۰۲)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *