سنڌ سرڪار ۽ نجي اسڪولز ائسوسيئيشن وچ ۾ ڳالھيون ڪامياب، اسڪولز 30 آگسٽ تي کولڻ واري فيصلي تي اتفاق

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته 100 سيڪڙو ويڪسينيشن جي شرط تي 30 آگسٽ کان اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته 30 آگسٽ کان اڳ کلندڙ اسڪولن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي سومر تي ڪراچي ۾ پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جي عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سردار شاهه ٻڌايو ته ڪرونا وائرس سبب تعليم جو نظام متاثر ٿيو آهي، اڄ پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي، عالمي وبا جي صورتحال ڏسندي فيصلا ڪيون ٿا ويڪسينيشن ئي واحد ۽ آخري حل آهي، هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ 80 سيڪڙو ويڪسينيشن مڪمل ٿي وئي آهي 100 سيڪڙو ويڪسينيشن وارا اسڪول ايندڙ سومر کان کوليا ويندا جڏهن ته رڳو 50 سيڪڙو حاضري سان 6 ڏينهن اسڪول کوليا ويندا ۽ اسڪولن ۾ رينڊم پي سي آر ٽيسٽ جاري رهنديون، جن ٻارڙن جا والادين ڪرونا ويڪسينيشن جا سرٽيفڪيٽ اسڪولن ۾ جمع ڪرائيندا رڳو انهن ٻارڙن کي اسڪول اچڻ جي اجازت هوندي اسٽاف جي 100 سيڪڙو ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ اسڪول بند رهندا هن چيو ته صحت کاتي جي ايڊوائيزري هئي ته اسڪول وڌيڪ 7 ڏينهن بند رکڻا پوندا سنڌ جي وڏي وزير تعليم جي وزير جي سفارش تي اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو هو هن ٻڌايو ته هڪ هفتي دوران ڪرونا جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي، ماڻهو جيترو جلد ويڪسينيشن ڪرائيندا ايترو جلد ڪرونا مان جان ڇٽي ويندي، رپورٽ ملي آهي ته خانگي اسڪولن 80 سيڪڙو اسٽاف جي ويڪسينيشن ڪئي آهي، هن چيو ته اسان اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته ويڪسينيٽيڊ اسٽاف کي اسڪول گهرائي سگهجي ٿو هن ٻڌايو ته تعليم کاتي ۾ 90 سيڪڙو ماڻهن جي ويڪسينيشن ٿي آهي، والدين جي ويڪسينيشن چيڪ ڪرڻ اسڪول انتظاميه جو ڪم آهي، تعليم جي وزير چيو ته ڪرونا جو مستقل حل ويڪسينيشن آهن ۽ ويڪسينيشن جي ذريعي ڪرونا مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي هن واضح ڪيو ته اسڪولن ۾ رڳو فيهن جو مسئلو نه آهي پر سڄي دنيا ئي پريشان آهي، ڀارت ۾ به 70 هفتن کان وڌيڪ اسڪول بند رهيا آهن ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسڪول هاڻي به بند آهن تعليم جي وزير چيو ته سڄي دنيا ۾ ويڪسينيشن کان پوءِ زندگي جا ڪم ڪار بحال ٿي رهيا آهن، ڇو ته آن لائن تعليم سڄي دنيا ۾ ڪامياب نه ٿي آهي تعليم جي وزير واضح ڪيو ته پريس ڪانفرنس ۾ سڀ نمائندا ايسوسيئيشن گڏ ويهن، صوبائي حڪومت ڪوئي ايڊونچر نٿي ڪرڻ چاهي ۽ اسڪولن بابت مستقل حل طرف وينداسين سردار شاهه چيو ته حڪومت رٽ جيڪو به چئلينج ڪندو قانون موجب ڪارروائي ٿيندي، حڪومت کان منظور ٿيل اسڪولز ايسوسيئيشنز جا نمائندا گڏ موجود آهن. جيڪي فيصلا ٿين ٿا اهي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاح مشوري سان ٿين ٿا هڪ هفتي ۾ ويڪسينيشن جي شرح وڌي آهي. ان کان اڳ تعليم جي وزير سان خانگي اسڪول جي نمائندن ملاقات ڪئي. خانگي اسڪول انتظاميه اسٽاف جي 100 سيڪڙو ويڪسينيشن ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وڏي وزير چيو ته جمعي تي ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ صورتحال جو جائزو ورتو ويندو هن چيو ته 30 آگسٽ کان اڳ هڪ به اسڪول نه کوليو ويندو ڀڃڪڙي ڪندڙ اسڪولن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي هن چيو ته ويڪسينيشن ٿيندي ته ڪرونا مان نجات ملندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *