آدمشماري جا نتيجا، سنڌ حڪومت جو پارليامينٽ سان رجوع ڪرڻ جو فصيلو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت آدمشماري جي نتيجن بابت ٻيهر پارليامينٽ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو سنڌ حڪومت مئي ۾ نتيجن جي خلاف ريفرنس پارليامينٽ ڏانهن اماڻيو هو تفصيل مطابق سنڌ حڪومت آدمشماري جي نتيجن جي حوالي سان ٻيهر پارليامينٽ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ لاءِ اسپيڪر کي خط لکندي نتيجن تي اعتراضن سبب مڪاني تڪبنديون، اليڪشن التوا هيٺ آهي، سنڌ حڪومت نتيجن جي خلاف مئي ۾ ريفرنس پارليامينت کي اماڻيو هو جڏهن ته 3 مهينا گذري ويا ريفرنس تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ناهي سڏايو ويو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي تي هڪ ٻيو خط قومي اسيمبلي اسپيڪر کي لکيو ويندو وڏو وزير مرادعلي شاهه خط قومي اسيمبلي اسپيڪر کي لکندو آئين جي شق 154 تحت صوبائي حڪومت ڪائونسل جو فيصلو پارليامان ۾ چئلينج ڪري سگهي ٿي سنڌ حڪومت جو ٻيو خط هلندڙ هفتي چيئرمين سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر کي روانو ڪيو ويندو، سنڌ ڪابينه اليڪشن ڪميشن جي مڪاني تڪبندين تي به خدشا ظاهر ڪيا هئا جڏهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل آدمشماري جا نتيجا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن تي مرتضيٰ وهاب چيو هو ته وڏي وزير پاران خدشا ظاهر ڪيا ويا ان جي باوجود سي سي آئي آدمشماري جي نتيجن جي منظوري ڏني وئي سنڌ حڪومت آئين تحت معاملو پارليامينٽ کڻي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *