پاڪستان ۽ خطي جا پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن چاهين ٿا، پر امن مخالف طاقتون ”اسپائيلرز“ اڄ به متحرڪ آهن: شاھھ محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان جي صورتحال تي صلاح مشوري لاءِ تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران جي دوري جو اعلان ڪندي چيو ته افغانستان ۾ امن مخالف قوتون (اسپائلرز) اڄ به متحرڪ آهن ڀارت جا افغانستان تي سٺن لاڳاپن تي اعتراض نه آهن، اسان جو فوڪس ڪنهن هڪ گروپ تي نه آهي پاڪستان جي سوچ افغانستان جي بهتري آهي هندستان جيڪڏهن پاڪستان کي هيٺ ڏيکارڻ جي سوچ تي ڪم ڪندو رهيو ته خطي جي ڪائي خدمت نه ڪندو ڀارت کي پنهنجي محدود سوچ ڇڏڻي پوندي عالمي برادري کي افغانستان سان لاڳاپا بحال رکڻ گهرجن. افغانستان جي موجوده صورتحال تي مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارتي ميڊيا منهنجي ڪابل وڃڻ تي شور ڪيو ڀارتي ميڊيا غير ذميواراڻي ڳالهه ٻولهه ڪئي پرڏيهي وزير چيو ته غير زميواراني ڳالهه ٻولهه سان ان جي پنهنجي ساک متاثر ٿئي ٿي ڀارتي ميڊيا کي ڳالهائڻ کان اڳ تصديق ڪرڻ گهرجي پرڏيهي وزير چيو ته ڪابل ناهيان ويو پاڪستان ۾ ئي اهم گڏجاڻيون اٽينڊ ڪيون منهنجي يورپي يونين کي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل سان ڳالهه ٻولهه ٿي شاهه محمود قريشي چيو ته مان ان سان افغانستان جي ڏي وٺ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي مان کيس ڪابل مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي ۽ شهرين جي واپسي جي سلسلي ۾ پاڪستان پاران ڪيل مدد کان آگاهه ڪيو شاهه محمود قريشي چيو ته مان يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سرابراهن کي ٻڌايو ته مان موجوده صورتحال تي چئلينجز جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ خطي جي اهم ملڪن جي دوري تي وڃي رهيو آهيان مان تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران ويندس ۽ اتان جي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *